ڪنڌڪوٽ : ڪشمور ضلعو مڪمل طور تي بدامني جي باھ ھيٺ آهي ان باوجود به چونڊيل نمائيندن قومي ء صوبائي اسمبلين م آواز نه اٿاريو معصوم ثمرت سميت ضلعي مان اغوا ٿيل 35 کان وڌيڪ مغوين جي گهرن م قيامت ڀرپاء ٿيل آهي پر افسوس اڄ ڏينهن تائين عوام جي ووٽ سان اقتدار ماڻيندڙ سياسي اڳواڻ سندن جي ڏک م برابر شريڪ ٿيڻ لاء به نه پھتا آهن اھڙو اظهار سردار محمد صلاح خان گولو جو گولا برادري جو ڪٺ کي خطاب ڪندي چيو آهي ته ڪشمور ڪنڌڪوٽ جي ڪمانڊر مغوين جي بازيابي لاء اثرائتي قدم کنيو ته ٺيڪ نه ته ٻي صورت ۾ 20 سال پراڻو دور ورجايو ويندو اڄ ڪو ڪٺ جو سڏائڻ جو مقصد پوليس ڪمانڊر سميت چونڊيل نمائيندن جو ڌيان ڇڪائڻ آهي ٻئي صورت م ڀرپور تحريڪ ھلائڻ اعلان ڪيو ويندو ھن وڌيڪ چيو ته ايندڙ اليڪشن م موجوده سياسي چھرن کي ووٽ ء سپورٽ ڪرڻ کان بائيڪاٽ ڪيان ٿو وفاقي ء صوبائي حڪومتن سميت ضلعي ڪشمور جا چونڊيل نمائيندا ء ڪشمور پوليس انتظاميا گونگا ء ٻوڙا بڻيل آهن ايس ايس پي ڪشمور عرفان علي سمون آفيس م ويھي نه ٿو ھاڻي اسان جي ثمرت ڪمار سميت ٻين مغوين جي بازيابي لاء آخري ڀيرو ملاقات ڪبي جي سر م آيو ته ٺيڪ نه ته اسين پاڻ ڪچي م لھنداسين جيڪو به نقصان ٿيو ته ان جو ذميوار ايس ايس پي ڪشمور عرفان علي سمون ء سنڌ حڪومت ھوندي