ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: عبدالخالق چاچڙ) ڪشمور لڳ گڊو ٿاڻي جي حد ۾ پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ فائرنگ دوران هڪ ڏوهاري مارجي ويو جڏهنتہ ٻه زخمي ٿيڻ جا اطلاع مليا آهن. پوليس علائقي کي ڪڙو چاڙهي سرچ آپريشن ۽ ناڪابندي شروع ڪري ڇڏي آهي. پوليس موجب مارجي ويل ڏوهاري جي سڃاڻپ ارشاد احمد ولد محمد هاشم ميراڻي طور ٿي آهي، جنهن جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. ارشاد ميراڻي مٿان الزام آهي ته هو ڦر، اغوا، ڀتو ۽ ڏوهاري وارداتن ۾ ملوث هو ۽ ڪشمور، گھوٽڪي ۽ ٻين ضلعن ۾ به سرگرم رهيو. تفصيل موجب، ڪشمور پوليس معمول موجب آرڊي 17 ڪچي واري علائقي ۾ گشت ڪري رهي هئي ته اوچتو ڏوهارين پوليس موبائيل ڏسي فائرنگ ڪري ڏني. پوليس جي جوابي فائرنگ دوران هڪ ڏوهاري مارجي ويو، جڏهنتہ ٻه زخمي ٿي ڀڄي ويا. اطلاع ملڻ تي وڌيڪ پوليس نفري پهچي علائقي کي ڪڙو چاڙهي سرچ آپريشن ڪيو ۽ مختلف هنڌن تي ناڪابندي ڪري سخت چيڪنگ شروع ڪئي. ان سلسلي ۾ ايس ايس پي ڪشمور محمد مراد گھانگھرو جو چوڻ آهي ته ڏوهاري ڦر جي ارادي سان بيٺل هئا، پوليس کي ڏسندي ئي فائرنگ ڪئي وئي. جواب ۾ پوليس به مقابلو ڪيو، جنهن دوران هڪ ڏوهاري مارجي ويو ۽ ٻه زخمي ٿيڻ جا اطلاع آهن، جن جي ڳولا جاري آهي.