ڪنڌڪوٽ: ڪووڊ-19 جي ڊيلي ويجز ملازمن جي برطرفي خلاف ريلي، بحالي ۽ رهيل پگهارن لاءِ مطالبا

رپورٽ: عبدالخالق چاچڙ ڪنڌڪوٽ ۾ ڪووڊ-19 جي ڊيلي ويجز ملازمن جي برطرفي خلاف سول اسپتال کان ڊي سي آفيس ڪشمور تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. ريلي جي اڳواڻي علي حسن قمبراڻي ضلعي صدر پاڪستان پيراميڊيڪل اسٽاف، يارعلي خان ڊومڪي بلوچ صوبائي چيف آرگنائيزر، غلام علي مزاري ضلعي صدر آل ڪووڊ ايمپلائيز، اعجاز احمد قاضي، صوفي ميان بخش ڀلڪاڻي، دانش اعواڻ، اڪبر مري، اويس لاشاري، زاھد نندواڻي، شعيب ڊومڪي، منان ڀيري ۽ ٻين اڳواڻن ڪئي. شرڪت ڪندڙن هٿن ۾ بينر کڻي نعرا هڻيا جن ۾ ڪووڊ-19 جي ملازمن جي بحالي ۽ رهيل پگهارن جي ادائيگي جو مطالبو ڪيو ويو. اڳواڻن جا خطاب ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته: سنڌ ڪابينا فوري طور پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪري. برطرف ڪيل سڀني ڪووڊ-19 ملازمن کي مستقل ڪيو وڃي. رهيل پگهارون فوري طور جاري ڪيون وڃن. سندن چوڻ هو ته جڏهن ملڪ ۽ سنڌ صوبي ۾ ڪورونا وبا عروج تي هئي ۽ ماڻهو هڪٻئي کان پري رهندا هئا، ان وقت ڪووڊ-19 ملازمن پنهنجي جان جوکي ۾ وجهي اسپتالن ۾ خدمت سرانجام ڏني، پر افسوس جو ان قرباني جو صلو برطرفي جي صورت ۾ ڏنو ويو. اڳواڻن وڌيڪ الزام لڳايو ته سنڌ ڪابينا 68 من پسند ملازمن کي هڪ سال جي توسيع ڏني ۽ 40 هزار رپيا پگهار مقرر ڪئي، پر باقي ملازمن سان “ماٽيلي ماءُ” وارو سلوڪ ڪندي کين برطرف ڪيو. مرڪزي قيادت کي اپيل احتجاج ڪندڙن صدر پاڪستان آصف علي زرداري، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وڏي وزير سنڌ سيد مراد علي شاهه کان مطالبو ڪيو ته: سڀني ڪووڊ-19 جي ملازمن کي فوري طور مستقل ڪيو وڃي. رهيل پگهارون جاري ڪيون وڃن.