ڪنڌڪوٽ گذريل ڏينھن پوليس مٿان حملو ڪندڙ ڏوھارين خلاف پوليس ء رينجرس جو گڏيل آپريشن 10 کان وڌيڪ ٺڪاڻا ڊاھي پٽ ڪري ڇڏيا

بھلڪاڻي گينگ خلاف پوليس ء رينجرس پاران گڏيل آپريشن ڪري ڌاڙيل ملگزار بھلڪاڻي ۽ سندس جي ساٿين جا ٺڪاڻا ڊاھي پٽ ڪري ڇڏيا آھن ملگزار بھلڪاڻي ۽ سندس ساٿين گذريل ڏينھن پوليس مٿان فائرنگ ڪئي جنھن ۾ ھڪ پوليس اھلڪار شھيد 2 زخمي ٿيا ھئا پوليس جي فائرنگ دوران ھڪ ڏوھاري مارجي ويو 2 ڏوھاري زخمي ٿيا ھئا بهلڪاڻي گينگ جو صفايو ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو پوليس ء رينجرس جو گڏيل آپريشن ھلندڙ آھي جلد جوابدارن کي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽھڙي ۾ آڻينداسي ايس ايس پي بشير احمد بروھي