ڪنڌڪوٽ:گم ٿيل ماڻهن جي واپسي لاءِ پريس ڪلب اڳيان جکراڻي برادري جو احتجاج خبر موجب ڪشمور مان حاضر ي تان موٽندڙ غلام نبي غلام حسين ۽ ذولفقار جکراڻي جي واپسي لاءِ ڳوٺ سخي مٺل خان جکراڻي کي رھواسين ممتاز علي ميرجان صاحب خان جکراڻي ڪنڌڪوٽ پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪندي چيو ته اسان جا نوجوان ڪشمور ڪورٽ کان حاضري ڏئي واپس اچي رھيا ھئا ته رستي مان گم ٿي ويا آهن اسين پوليس کي بہ اطلاع ڏنو آهي پراڃا تائين ڪو ڏس پتو نه ملي سگھيو آھي ھنن چيوتہ اسان کي شڪ آهي ته اسان جا نوجوان ڪشمور جا رھواسي سيد غوث علي شاهه زاھد شاھ گم ڪرايا آهن يا اغوا ٿي ويا آهن اسين وس وارن سنڌ حڪومت آء جي سنڌ ايس ايس پي ڪشمور عرفان سمون کي اپيل آھي ته اسان جا نوجوانن جي ڳولا ۾ مدد ڪن