ڪنڌڪوٽ: گڊو بئراج ۽ ڪي ڪي بند تي امڪاني ٻوڏ جي حوالي سان انتظامات جو جائزو

ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: عبدالخالق چاچڙ) ايم اين اي مير شبير علي بجاراڻي، ايم اين اي شيريار خان مهر، صوبائي وزير ۽ فوڪل پرسن فلڊ اينڊ ايمرجنسي مڪيش ڪمار چاولا، وائس چيئرمين الطاف خان کوسو ۽ ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور آغا شير زمان امڪاني ٻوڏ جي حوالي سان ڪنڌڪوٽ ٽوڙي، ڪي ڪي ۽ گڊو بئراج جو دورو ڪري صورتحال جو جائزو ورتو. چيف انجنيئر گڊو بئراج سيد سردار شاهه بريفنگ ڏيندي چيو ته ايريگيشن عملو 24 ڪلاڪ بندن تي موجود آهي، امڪاني ٻوڏ جا پاڻي وهڪرا آساني سان گذري ويندا، انتظامات مڪمل آهن ۽ ڪنهن خطري جي ڳالهه ناهي. ان موقعي تي ايم اين اي مير شبير علي بجاراڻي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته: “هاڻوڪي صورتحال خطري کان ٻاهر آهي، پنجاب ۾ پاڻي ڦهلجي چڪو آهي. اندازي موجب گڊو بئراج تي 6 لک ڪيوسڪ پاڻي پهچندو، جڏهن ته 9 لک ڪيوسڪ پاڻي به آرام سان ڪراس ٿي ويندو. سنڌ اندر ڪابه ٻوڏ واري صورتحال ناهي، ايريگيشن ڊپارٽمينٽ ۽ ضلعي انتظاميه بهترين انتظامات ڪيا آهن. سنڌ جي وزيراعليٰ جي هدايت تي فوڪل پرسن ۽ ايم پي ايز، ايم اين ايز بندن جو جائزو وٺي رهيا آهن.” ايم اين اي شيريار خان مهر چيو ته: “سکر کان وٺي مختلف بندن جو دورو ڪيو پيو وڃي. 2010 جهڙي صورتحال ناهي، هن ڀيري پاڻي به گهٽ آهي ۽ اسان جا بند مضبوط آهن. عوام کي گهرجي ته افراتفري کان پاسو ڪن، ايريگيشن ڊپارٽمينٽ هن ڀيري ڀرپور ڪم ڪري رهيو آهي.” ان موقعي تي فوڪل پرسن فلڊ اينڊ رين ايمرجنسي مڪيش ڪمار چاولا چيو ته: “سنڌ حڪومت طرفان سمورا انتظام مڪمل آهن. صوبائي وزراءَ ۽ ايم اين ايز امڪاني ٻوڏ جي حوالي سان بندن جو جائزو وٺي رهيا آهن. 2010 کان پوءِ بندن تي وڏو ڪم ٿيو آهي، ڪي ڪي بند ڪمزور ناهي. پاڻي سڌو ريت ڪي ڪي بند کي هٽ ڪندو آهي، جڏهن ته بندن تي پيچنگ ۽ ڊمپنگ جو ڪم جاري آهي.”