ڪنڌڪوٽ: ڳوٺ لطف علي ڊومڪي ۾ بڊاڻي ڊومڪي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ـ ٻنھي ڌرين جي ماڻهن ھٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا ـ انڌاڌند فائرنگ ھڪ نوجوان مارجي ويو فائرنگ سبب ٻن معصوم ٻارڙن جي زخمي ٿيڻ جا اطلاع ـ گوليون لڳڻ ڪري 48 ورھين جو رانجھو پٽ محمد صلاح بڊاڻي ڊومڪي ٿڏي تي قتل ٿي ويو ـ فائرنگ سبب ٻھ ٻارڙا شھريار ۽ شھزور زخمي ٿي پيا ـ پوليس واقعي واري ھنڌ ڪونه پھتي ـ فائرنگ سبب پوري علائقي ۾ ڏھڪاء ماڻهو گھرن تائين محدود ٿي ويا ـ علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو ـ اسان کي جھيڙي بابت اطلاع مليو آهي پوليس رواني ٿي وئي آهي ـ پوليس ـ مقتول نوجوان جو لاش ھٿ ڪري لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويندو ـ پوليس