ڪنڌڪوٽ: ۾اغوائن ڦرن چورين ء بي گناه پوليس مقابلي ۾مارجي ويلن جي خلاف جماعت اسلامي پاران امن ريلي خبر موجب

ڪنڌڪوٽ : ۾اغوائن ڦرن چورين ء بي گناه پوليس مقابلي ۾مارجي ويلن جي خلاف جماعت اسلامي پاران امن ريلي خبر موجب ڪنڌ ڪوٽ ۾ ودندڙ بدامني اغوائن ڦرن چورين ۽ پوليس ھٿان به گناه ڪوڙن مقابلن ۾قتل ٿيندڙ ماڻھن ۽ اغوا ٿيلن جي بازيابي لاءِ جماعت اسلامي پاران امن ريلي مارچ ڪئي وئي ريلي گھنٽاگھرچوڪ چوڪ کان ٿيندي پريس ڪلب پهتي جنھن ۾ شھرجي سياسي سماجي تنظيمن ھندو پنچائيت جي اڳواڻن شرڪت ڪئي ريلي دوران جماعت اسلامي جي صوبائي امير محمد حسن محنتي ھندو پنچائيت جي اشوڪ ڪمار صوبائي اڳواڻ حافظ نصرالله چنا حافظ محمد حفيظ بجاراڻي ضلعي امير غلام مصطفي ميراڻي عبيدالله گولو ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ضعلي جو امن امان تباھ ٿيل آهي پوليس مڪمل طور ته امن ڪرائڻ ۾ناڪامٿي چوڪي آهي روزاني ماڻھواغواٿئين ٿا ھرروز ماڻھن کان موٽرسائيڪلون ڌاڙيل ڦر ڪن ٿا ۽ انھي کان علاوه ٽن مھينن کان ٻھ نياڻيون اغوا ٿيل آھن اُنھن کي به پوليس بازياب نه ڪرائي سگهي آهي پوري ضلعي مان 25 ڄڻا اغوا ٿيل آھن ھن وقت تائين بازياب نه ٿيا آهن ھنن چيوته ڪشمور پوليس 9 کان وڌيڪ بي گناه ماڻھن کي ڪوڙن مقابلن ۾قتل ڪيو آھي پوليس گردي جي ڪري عوام جو پوليس مٿان اعتماد ناھي رھيو آھي سج لھڻ وقت عوام گھرن تائين محدود ٿي وڃي ٿو انھي کان علاوه ڌاڙيل پوليس اهلڪارن کي قتل ڪن ٿا ھي پوليس ۽ سنڌ حڪومت جي ناڪامي آهي ريلي ۾اغوا ٿيلن جا وارث پڻ شامل هئا