ڪنڌڪوٽ ۾ امڪاني ٻوڏ جي صورتحال جو جائزو

ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: عبدالخالق چاچڙ) ايم اين اي مير شبير علي بجاراڻي، ايم اين اي شهريار خان مهر ۽ صوبائي وزير/فوڪل پرسن فلڊ اينڊ ايمرجنسي مڪيش ڪمار چاولا امڪاني ٻوڏ جي حوالي سان ڪنڌڪوٽ ٽوڙي بند، ڪي ڪي بند ۽ گڊو بئراج پهچي صورتحال جو جائزو ورتو. ان موقعي تي چيف انجنيئر گڊو بئراج سيد سردار شاهه بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ايريگيشن عملو 24 ڪلاڪ بندن تي موجود آهي ۽ ايندڙ امڪاني ٻوڏ جا پاڻي وهڪرا آساني سان گذري ويندا. انتظام مڪمل آهن ۽ خطري جي ڪا به ڳالهه ناهي. مير شبير علي بجاراڻي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته: هن وقت صورتحال مڪمل طور تي خطري کان ٻاهر آهي. پنجاب ۾ پاڻي ڦهلجي چڪو آهي، گڊو بئراج تي اندازن 6 لک ڪيوسڪ پاڻي ايندو، جڏهن ته 9 لک ڪيوسڪ به آرام سان ڪراس ٿي ويندو. سنڌ اندر ڪابه ٻوڏ واري صورتحال ناهي، ايريگيشن ڊپارٽمينٽ ۽ ضلعي انتظاميا تمام بهترين انتظامات ڪيا آهن. وڏي وزير سنڌ جي هدايت تي مڪيش ڪمار چاولا ۽ ايم اين ايز بندن جو دورو ڪري رهيا آهن. ان موقعي تي شهريار خان مهر چيو ته: اسان سکر کان وٺي مختلف بندن جو دورو ڪري رهيا آهيون. 2010 جهڙي صورتحال ناهي، ان وقت کان پاڻي به گهٽ آهي ۽ هاڻ بند به وڌيڪ مضبوط آهن. ماڻهن کي گهرجي ته افراتفري کان پاسو ڪن. بندن ۾ روڻ پونديون هونديون آهن پر هن ڀيري ايريگيشن ڊپارٽمينٽ تمام بهتر ڪم ڪري رهيو آهي. جڏهن ته فوڪل پرسن مڪيش ڪمار چاولا ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته: سنڌ حڪومت پاران مڪمل تياري ڪئي وئي آهي. صوبائي وزرا ۽ ايم اين ايز بندن تي انتظامات جو جائزو وٺي رهيا آهن. 2010 کانپوءِ بندن تي وڏو ڪم ٿيو آهي. ڪي ڪي بند ڪمزور ناهي، پاڻي سڌي طرح ڪي ڪي کي هٽ ڪري ٿو، جتي پيچنگ ۽ ڊمپنگ جو ڪم جاري آهي.