ڪنڌڪوٽ ۾ بنگوار ۽ ڀٽا برادري تڪرار جي نيبيري لاءِ امن قافلي جي ڪوششون

بنگوار ۽ ڀٽا برادري جي وچ ۾ هلندڙ خوني تڪرار جي نيبيري لاءِ امن قافلو سيد محمد شاه جيلاني جي اڳواڻي ۾ ڀٽا برادري وٽ پهتو. ڀٽا برادري پاران قافلي کي عزت ڏني وئي ۽ يقين ڏياريو ويو ته برادري سان صلاح مشورو ڪري ڪجهه ڏينهن اندر مناسب جواب ڏنو ويندو.امن قافلي ۾ سيد بشير احمد شاه جيلاني، سردار محمد صلاح خان گولو، مير شاهزين خان بجاراڻي، اصغر خان چاچڙ، سردار لياقت علي خان ملڪ، ڊي ايس پي سيد اصغر علي شاه، مولانا شمس الدين ڀيري، عبدالعزيز سومرو، لعل خان چاچڙ، ايس ايڇ او پنھور ۽ ٻيا اڳواڻ شامل هئا.قافلو جڏهن بڊاڻي شهر ۾ صحافي نياز احمد ڀٽو، نظير احمد ڀٽو، امان الله ڀٽو ۽ الله بچايو ڀٽو وٽ پهتو ته ڀٽا برادري جي نمائندن چيو:“اسان امن پسند ۽ شريف ماڻهون آهيون. اوهان جي عزت ڪرڻ اسان جو فرض آهي. ڪجهه ڏينهن ۾ برادري سان صلاح مشورو ڪري اوهان کي بهتر جواب ڏينداسين.”ياد رهي ته بنگوار ۽ ڀٽا برادري وچ ۾ تڪرار موٽر سائيڪل جي اينڊي ڪيٽر ڀڃجڻ تان لڳ ڀڳ 7 مهينا اڳ شروع ٿيو هو، جيڪو هاڻي تائين جاري آهي. هن جهيڙي ۾ ڀٽا برادري جا 4 ماڻهو ۽ بنگوار برادري جا 2 ماڻهو قتل ٿي چڪا آهن.