ڪنڌڪوٽ ۾ جماعت اسلامي گهنٽاگهر چوڪ تي ضلعي اندر ڌاڙيل راڄ ۽ وڌندڙ مهانگائي خلاف جلسو ڪيو.جلسي ۾ جماعت اسلامي پاڪستان جي امير حافظ نعيم الرحمان جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته توھان کي مبارڪ پيش ڪيان ٿو جو ھيڏي بدامني باوجود وڏي تعداد ۾ گڏ ٿيا آھيو.هتي ھرڪنھن کي خوف آھي ته ڪٿي اغوا يا قتل نٿي وڃون.ھندو برادري ڪاروبار ڪندڙن کي ڀتي لاء پرچيون ملن ٿيون فائرنگ جا واقعا ٿين ٿا ڪو ھال پڇڻ وارو نه آھي.هتي اچي روڊ رستا ڏسي حيرت ٿيو ته ھڪ مين روڊ آھي اھو به کنڊر بڻيل آھي.ڪراچي کان ڪشمور تائين ڪرپشن ڦرلٽ آھي اڳ 10 پرسنٽ چيا ويندا ھئا ھاڻي ته ٺيڪيدارن کان 60 پرسنٽ وصول ڪيو ٿو وڃي.ھت صحافت تي وار ٿين ٿا. جان محمدمھر.نصرالله گڏاڻي قتل ٿيا انھن کي انصاف نه مليو.سنڌ جي نياڻي امي رباب کي انصاف نه مليو فضيلا سرڪي پريا ڪماري بازياب نه ٿيا انهن کي انصاف نه مليو.ھي 25 ڪروڙ عوام کي غلام بڻائڻ گھرن ٿا پروفيسر اجمل ساوند کي انصاف نه مليو ھت نه صحت نه تعليم نه امن نه سڪون آھي.هن چيو ته 77 سالن کان 3 سئو کان مٿي تعليمي اسڪولن جي حالت رحم جوڳي آھي سردار به پ پ جا چونڊيل نمائندا به پ پ جا ڏوھن ڪرپشن ۾ انھن جو ھٿ آھي.سالن کان پ پ سنڌ ۾ حڪومت ڪري پئي پر تباھي کان سواء پ پ سنڌ کي ڪجه به نه ڏنو ڪوبه پڇڻ وارو نه آھي.جماعت اسلامي پاڪستان جي امير جو چوڻ هو ته اميرن جا ٻار نجي اسڪولن ۾ پڙھن ۽ غريبن جي ٻارن لاء تباھ ٿيل اسڪولن ۾ ڌڪا کانئن ٿا ڪابه سھولت غريبن لاء نه آھي.اربين روپين جي لوٽ ڦرڪري ٻوڏ.برسات متاثرين جي پئسن مان پنھنجا پيٽ ڀرن ٿا جماعت اسلامي خدمت ۾ اول آھي.ڪڏھن سنڌ جو ڪارڊ مھاجر.پنجاپي ڪارڊ استعمال ڪندئو.ڪيستائين آئين ۾ ترميم ڪري پنھنجا من پسند ماڻھون آڻيندئو.هاڻي وقت اچي ويو ملڪ جا سڀ غريب اوھان جي خلاف ھڪ گڏيل جماعت اسلامي جي پليٽ فارم تي گڏ ٿيندا.
جماعت اسلامي ڪڏھن به من پسند جرنيل.من پسند جج جي لاء ڪڏھن به غلط فيصلا نه ڪيا.هن چيو ته ھت قبيلائي تڪرارن بدامني ۾ ماڻھن جا ذھن مفلوج ڪيا ويا آھن.پڪي جا ڌاڙيل ڪچي جي ڌاڙيلن جا ساٿاري آھن ان ۾ حڪمران جماعت جا ڪجه ڏوھاري شامل آھن.سنڌ جي ماڻھن کي نه گئس جي سھولت نه بجلي نه صاف پيئڻ جي پاڻي جي سھولت آھي. مھنگائي عروج تي آھي غريب خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آھن.غريبن جا حق غصب ڪيا ٿا وڃن ھت ھاري آبادگار کي محنت مزدوري به نٿي ملي جڏھن فصل لھن ٿا ته ريٽ ڪيرائي غريبن سان ظلم ڪيو پيو وڃي اوھان جماعت اسلامي جوساٿ ڏيو ظالمن سان وڙھڻ لاء جدوجھد ۾ ساٿ ڏيو.اسان کي امن کپي.تبڪاتي نظام جي خلاف کڙو ٿيڻو آھي امن امان پنھنجي حقن لاء وڙھڻو آھي.ڪچي وارن ڌاڙيلن کي پڪي جا ڌاڙيل حڪمران طبقو انھن کي جديد ھٿيار پھچائن ٿا.اسان کي امن.تعليم.صحت کپي زرداري.ايم ڪيو ايم.ڪرپٽ نظام خلاف نڪرڻو پوندو.حڪومت کي گھرجي ته عوام کي سھولتون ڏي.اسلامي نظام لاء جدوجھد ڪيو ان ۾ سڀ مسئلن جو حل آھي.جماعت اسلامي جي ڪنھن به رڪن تي ڪرپشن جو الزام نه آھي.اقليتن جي تحفظ لاء نظام آھي.نوجوان جو ساٿ ڏيو.رياست کان حق ڇني وٺڻ جو حق اچي ويو آھي.جماعت اسلامي پاران ڪيل جلسي ۾ وڏي انگ ۾ جماعت اسلامي جا ڪارڪن اڳواڻ ۽ شهري شريڪ ٿيا.جماعت اسلامي جي جلسي ۾ پوليس اهلڪار سڪيورٽ جا فرائض سرانجام ڏنا.جلسي گاه ۾ 1500 ڪرسيون لڳايون ويون جڏهن ته جلسي ۾ 3 هزار کان مٿين ماڻهو شريڪ ٿيا