ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: عبدالخالق چاچڙ): ڪنڌڪوٽ تعلقي جي يوسي غوثپور ۾ نيوٽريشن ۽ ماءُ ٻار جي صحت بابت آگاھي ڏيڻ لاءِ ٽي ڏينهن وارو تربيتي پروگرام منعقد ڪيو ويو. پروگرام مقامي اين جي او انڊس انوائرونمينٽ ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن پاران عالمي ادارن جي تعاون سان ترتيب ڏنو ويو، جنهن ۾ 60 جوڙن کي شرڪت ڪرائي وئي. تربيتي سيشن دوران شرڪت ڪندڙ مردن ۽ عورتن کي ماءُ ۽ ٻار جي صحت، خاص طور تي ڳورهاري عورتن لاءِ ضروري ٽيڪن، ٻارن کي ٻن سالن تائين ماءُ جو کير پيارڻ ۽ غذائيت جي اهميت بابت تفصيلي ڄاڻ ڏني وئي. ان موقعي تي اي ڊي ايڇ او ڊاڪٽر وويڪ ڪمار ۽ سماجي اداري جي سربراهه سيد زاهد حسين شاهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پروگرام جو مقصد ماڻهن تائين بنيادي صحت بابت ڄاڻ پهچائڻ آهي. هنن چيو ته ڳورهاري عورتن لاءِ حفاظتي ٽيڪا لازمي آهن ۽ ٻارن کي ماءُ جو کير پيارڻ سندن بنيادي حق آهي. سيد زاهد حسين شاهه وڌيڪ ٻڌايو ته انٽرنيشنل پروگرام تحت ضلعي جي مختلف علائقن ۾ مقامي ادارن جي مدد سان اهڙا تربيتي پروگرام جاري آهن ته جيئن هر گهر تائين نيوٽريشن ۽ صحت جي اهميت بابت آگاھي پهچائي سگهجي.