ڪنڌڪوٽ : ۾ واپڊا ھيڊرو يونين لاڙڪاڻي ڊويزن جي سڏ تي آفيسن جي تالا بندي ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو جي اغوا ٿيل واپڊا ملازمن جميل احمد ٻرڙو، آصف آرائين جي بازيابي لاءِ صبح کان احتجاجن پوري ضلعي جي بجلي بند ڪري چڏي جيستائين ملازمن کي بازياب نه ڪرايو ويندو تيستائين بجلي بند رھندي، جڏهن ته واپڊا ملازمن ھٿن ۾ بينر کڻي واپڊا ھيڊرو يونين لاڙڪاڻي ڊويزن جي چيئرمين اصغر علي بجاراڻي، بابو يونس ملڪ، فقير سڪندر باجڪاڻي جي اڳواڻي ۾ آفيسن جي تالا بندي ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو، ھنن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي 8 ڏينهن گذرڻ جي باوجود واپڊا ملازمن کي اڃا تائين بازياب نه ڪرائي سگهي آهي، ھنن چيو ته صوبائي وزير مير شبير علي بجاراڻي به يقين ڏياريو ھو ته واپڊا ملازمن کي جلد بازياب ڪرايو ويندو پر اڃا تائين صرف آسرا ڏنا پيا وڃن جنهن ڪري پوري ضلعي جي بجلي احتجاجن مٿان ئي بند ڪئي وئي آهي، ھنن وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاھ، صوبائي وزير مير شير علي خان بجاراڻي کي اپيل ڪندي مطالبو ڪيون ٿا ته واپڊا ملازمن کي بازياب ڪرائي ھنن جي گھر ۾ ڦليل بي چيني ختم ڪرائي وڃي نه ته اسان جو احتجاج جاري رهندو