“ڪنڌڪوٽ ۾ پوليس مقابلو، ڀيو گينگ جو ساٿاري زخمي حالت ۾ گرفتار – هٿيار ۽ موٽر سائيڪل هٿ”

ڪنڌڪوٽ لڳ ڏوهاري ء پوليس جي وچ م مقابلو هڪ ڏوهاري سخت زخمي حالت م گرفتار ڪرڻ جي دعوا گرفتار ڏوهاري کان هڪ عدد پسٽل ء موٽر سائيڪل هٿ ڪري ورتي زخمي ڀيو گينگ جو ساٿاري هو ڀتو ڦر ء ٻين ملوث هو ايس ايس پي ڪشمور تفصيل موجب ڪنڌڪوٽ لڳ بي سيڪشن ٿاڻي جي حد قمبراڻي لاڙي وٽ ڦر جي ارادي سان بيٺل ڏوهاري پوليس کي ڏسندي ئي فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي م پوليس جي جوابي فائرنگ م هڪ ڏوهاري زخمي ٿي پيو جڏهن ته ٻيا ساٿي فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا گرفتار ڏوهاري جي سڃاڻپ مور خان پٽ اميد علي قمبراڻي طور ٿي آهي گرفتار ڏوهاري وٽان هڪ عدد پسٽل ء هڪ موٽر سائيڪل هٿ ڪري ورتي آهي زخمي ڏوهاري کي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي ان موقعي تي ايس ايس پي ڪشمور جو چوڻ آهي ته ڏوهاري ڦر جي واردات لاءِ بيٺل هئا پوليس کي خوفيا اطلاع تي پوليس موقعي تي پهتي پوليس کي ڏسندي ئي فائرنگ ڪري ڏني پوليس جي جوابي فائرنگ م هڪ ڏوهاري زخمي حالت م گرفتار ڪري ورتو آهي ء ٻيا ساٿي فرار ٿي ويا آهن جنهن جي ناڪابندي ڪئي پئي وڃي هن وڌيڪ چيو ته گرفتار ڏوهاري ڦر ڀتو ء ڀيو گينگ جو سهولت ڪار هو وڌيڪ ڪرمنل رڪارڊ چيڪ ڪيو پيو وڃي