ڪنڌڪوٽ ۾ کوسو ۽ گولو برادري جي جهيڙي جو خاتمو ڪرڻ لاءِ منٿ ميڙ قافلو پهتو

ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: عبدالخالق چاچڙ)
ڪنڌڪوٽ ۾ کوسو ۽ گولو برادري وچ ۾ هلندڙ جهيڙي جي خاتمي لاءِ اڄ وڏو منٿ ميڙ قافلو ڳوٺ منير خان کوسو وٽ پهتو، جتي علائقي جي سيد، سردارن ۽ معتبرن جي وڏي شرڪت ٿي. تفصيل موجب، ڪنڌڪوٽ جي سيدن ۽ سردارن جي اڳواڻي ۾ وفد منير خان کوسو وٽ پهتو. منٿ ميڙ ۾ سيد محمد شاهه جيلاني، سردار تيغو خان تيغاڻي، سردار ملگزار خان سهرياڻي، ڊاڪٽر مهر چند، سردار لياقت خان ملڪ، سردار ڊاڪٽر اقرار علي جکراڻي، ظريت ساگر بجاراڻي، عبدالعزيز سومرو، لياقت علي کوسو، مناف خان سهرياڻي سميت ڪيترائي معتبر شامل هئا. منير خان کوسو، منٿ ميڙ قافلي کي مان ڏيندي چيو ته کيس ڪجهه وقت ڏنو وڃي، جنهن کان پوءِ قافلي ۾ شامل معزز شخصيتن چيو ته هو ٻيهر ايندا ۽ ڳالهين کي اڳتي وڌائيندا. ان موقعي تي ٻنهي ڌرين جي صلح لاءِ اميد ظاهر ڪئي وئي ته جلد جهيڙو ختم ٿي علائقي ۾ امن قائم ٿيندو.