ڪنڌڪوٽ : ۾ ھندو برادري ۽ مختلف سياسي سماجي مذهبي

ڪنڌڪوٽ : ۾ ھندو برادري ۽ مختلف سياسي سماجي مذهبي ۽ ڪاروباري تنظيمن پاران ڪشمور ضلعي مان اغوا ٿيل مغوي مکي جگديش ڪمار. جئديپ ڪمار۔ عظيم ميڻڪ ۔ فرحان سومرو۔ مزار گولو ۔ واجب گولو۔ موتي رام۔ نند لال جي بازيابي لاء گھنٽاگھر چوڪ آڏو ھٿن ۾ پلي ڪارڊ ساڻ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعري بازي ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن پرڪاش لال منشاني . ڊاڪٽر مھر چند. ڊاڪٽر سريش آنند۔ آڪاش شادماڻي . روي ڪمار. غلام مصطفي ميراڻي . اشوڪ ڪمار. نصر الله چنا. ڊاڪٽر تلسي داس بشير احمد ميراڻي . ۽ ٻين چيو ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعي ۾ بدامني سبب ھندو برادري لڏ پلاڻ پئي ڪري ھر شھري غير محفوظ بڻيل آهي اغوا ٿيل مغوين جي گھرن ۾ سوڳ وارو ماحول آهي ڪو به چونڊيل نمائندو سندن وٽ لڙي ڪان آيو آهي پوليس انتظاميا خاموش تماشائي بڻيل آ ھنن چيو جيڪڏهن مغوي بازياب نه ٿيا ته ڪنڌڪوٽ پوري ۾ مڪمل شٽربند ھڙتال ڪري انڊس ھائي وي بلاڪ ڪري ڌرڻو ھنيو ويندو جيسي تائين مغوي بازياب نه ٿيندا.