ڪنڌڪوٽ: ۾ ايس ايس پي آفيس جي مک گيٽ آڏو سبزوئي برادري جي عورتن ۽ معصوم ٻارن. نوجوانن مسمات موتي. مارئي. مزاري. محمدخان سبزوئي احتجاج ڪندي دانھيو آھي ته 9 ڏينھن اڳ گھوڙاگھٽ پوليس ٿاڻي جي حد لڳ ڳوٺ بادل خان سبزوئي وٽ ڪارنھن تڪرار تان ڪاري ڌر جي ھٿياربند جوابدارن درمحمد .شان محمد. علي محمد سبزوئي ۽ ٻين جيڪي ٻن موٽرسائيڪلن تي سوار ھئا اسان جي 20 سالن جي نوجوان مال چاريندڙ ديدار سبزوئي کي گوليون ھڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا. احتجاج ڪندڙن وڌيڪ ٻڌايو ته اسان سان جوابدارن ظلم ڪيو آھي ھو بااثر آھن ۽ پوليس کي به خاموش ڪرايو ويو آھي حد جي پوليس ڪيس درج ڪرڻ ۽ جوابدارگرفتارڪرڻ لا به تيار ناهي ۽ واقعي کي خود ڪشي جو رنگ ڏنو پيو وڃي ھنن چيو ته اسان جي قتل ٿيل نوجوان جو ڪيس درج ڪري ملوث جوابدار گرفتار ڪري انصاف ڪري تحفظ فراھم ڪيو وڃي.