رپورٽ: عبدالخالق چاچڙ ڪنڌڪوٽ ۾ 20 ڏينهن اڳ سبزوئي برادري جي هٿان قتل ٿيل نوجوان محمد مٺل سبزوئي جي قاتلن جي گرفتاري نه ٿيڻ خلاف جسقم پاران پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. تفصيل موجب بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ نوجوان محمد مٺل سبزوئي قتل ٿي ويو هو، جنهن جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ جسقم ضلعي ڪشمور جي صدر والي ڏنو سنڌي جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو. مظاهري ۾ مقتول جي وارثن ۽ جسقم ڪارڪنن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي مقتول جو ڀاءُ ۽ جسقم ضلعي صدر والي ڏنو سبزوئي خطاب ڪندي چيو ته 20 ڏينهن گذري ويا آهن پر ڪشمور پوليس محمد مٺل سبزوئي جي قاتلن کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي. پوليس صرف خالي آسرا ڏئي رهي آهي، جڏهنتہ جوابدار اڃا تائين سر عام شهر ۾ گهمي رهيا آهن. هنن ايس ايس پي ڪشمور محمد مراد گھانگھرو کان مطالبو ڪيو ته مقتول نوجوان جا قاتل فوري طور گرفتار ڪيا وڃن، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.