ڪنڌڪوٽ : 24 ڏينھن اڳ گبلو پوليس ٿاڻي جي حد پي پي ايل جي کوھن جي حفاظت لاءِ مقرر ایف سي اھلڪار خالد خان پٺاڻ کي پوليس بازياب نه ڪرائي سگھي سندس جي بازيابي لاءِ وارثن انڊس ھاءِ وي بسم اللّٰه ڪانٽي وٽ روڊ تي رڪاوٽون رکي ڌرڻو ھڻي ويھي رھيا ڌرڻي سبب روڊ جي ٻنھي پاسن کان گاڏين جون وڏيون قطارون لڳي ويون جنھن ڪري مسافرن کي سخت مشڪلاتن مان گذرڻو پيو ڌرڻي ۾ شريڪ مظاھرين ڌاڙيل راڄ ختم ڪيو، امن امان بحال ڪريو، مغوي خالد خان پٺاڻ کي بازياب ڪرايو جي زوردار نعري بازي ڪئي ان موقعي تي مظاھرين ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته 24 ڏينھن گذري ويا آھن پوليس صرف خالي آسرا دلاسا ڏيئي رھي آھي پوليس امن امان ڪرائڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي وئي آهي ھر ڏينھن اغوا جون وارداتون ٿي رھيون آهن انھن سنڌ حڪومت، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو کان مطالبو ڪيو ته جلد خالد خان پٺاڻ کي بازياب ڪرايو وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو جاري رھندو جيستائين مغوي کي بازياب نه ڪرايو ويندو تيستائين اسان جو ھي ڌرڻو جاري رھندو،