ڪنڌ ڪوٽ :سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ خلاف ـ قبيلائي تڪرارن جي خاتمي ۽ ضلعي ڪنڌ ڪوٽ مان معصوم ٻارن سميت اغوا وارداتن

ڪنڌ ڪوٽ :سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ خلاف ـ قبيلائي تڪرارن جي خاتمي ۽ ضلعي ڪنڌ ڪوٽ مان معصوم ٻارن سميت اغوا وارداتن ۽ وڌندڙ بدامني خلاف جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين صعنان خان قريشي جي اڳواڻي ۾ سٽي پارڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي ريلي شھر جي دل گھنٽاگھر چوڪ سميت مختلف بازارن مان نعريڀازي ڪندي پريس ڪلب پھچڻ بعد ريلي کي خطاب ڪندي ۽ ميڊيا سان ڳالھيندي جسقم چيئرمين صعنان خان قريشي چيو ته ڪنڌ ڪوٽ ضلعي ۾ معصوم ٻارن سميت اغوا ٿيل مغوين جي بازيابي لاء پوليس ڪجھ نه ڪري رھي آهي جنهن ڪري ڪنڌ ڪوٽ واسي پريشان ۽ خوف واري زندگي گذاري رھي آهي قبيلائي تڪرارن ۾ روزاني بي گناھ قتل عام ٿي رھيو آهي جھيڙي دوران آء بي اي جي پروفيسر ڊاڪٽر اجمل ساوند کي قتل ڪيو ويو جيڪو ٻاھرين ملڪ ڇڏي پنهنجو سنڌ م اچي سنڌين کي اڳتي ھاڻي ٻاھرين ملڪ موڪليو ويندو ڪھيڙي خبر ته قبيلائي تڪرار جي ور چڙھي ويندو قبيلائي تڪرار سنڌ جي خلاف سازش آهي جيڪي به قبيلائي تڪرار ھلن پيا ھنن جي خاتمي لاء اسين ڌرين ڏي ميڙ منٿ قافلا وٺي وينداسين پي پي سنڌي عوام کان ووٽ ورتا پر بدلي ۾ ڪجھ نه ڏنو آهي امن تباھ ـ صحت سميت ڪا به بنيادي سھولت نه آهي امن تباھ ڪيو ويو آهي جئين عوام حق گھرڻ بدران ھر وقت پريشان رھن سنڌي قوم کي اھڙي پريشاني ختم ڪرڻ لاء ڌرتي ڌڻين سان گڏ آيون سنڌ ڌرتي جا وارثو ھي ڌرتي ھميشا امن جي ڌرتي رھي آهي ۽ رھندي امن خاطر اسين روڊن رستن تي نڪتا آيون سنڌ اندر امن قائم ڪري عوام کي بنيادي حق ڏنا وڃن انھي موقعي تي امجد مھيسر ـ ديدار شام ـ مومن سمون ـ اشرف ڪلھوڙو ـ فقير رمضان ڪلور ـ والي ڏنو سنڌي ـ بشام سنڌي ـ حفيظ سنڌي سميت ٻين به خطاب ڪيو ـ