ڪنڌڪوٽ ۾ جسم جساف ۽ جست پاران ڪنڌ ڪوٽ شھر م بدامني ۽ قبيلائي جيهڙن جي خاتمي خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جيئي سنڌ محاذ ۽ جي سنڌ تحريڪ آفيس کان مختلف چوڪن کان ٿيندي پريس ڪلب پھتي جتي جئي سنڌ محاذ جي اڳواڻن صدر ظفر سلطان نندواڻي الاهي بخش سنڌي ـ جساف اڳواڻ حسنين سنڌي طالب سنڌي ـ ڪوڙو خان سبزوئي علي گل سبزوئي عمران سنڌي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪنڌڪوٽ شھر جو پکي آڏامي ويو آهي شھر ويران ٿيندو وڃي پيو روز شھر مان هندو برادري سميت ٻيا شهري به لڏپلاڻ ڪري رھيا آھن دڪاندارن کي ڏينهن ڏٺي جو سري عام ڦورو فائرنگ ڪري ڦرون ڦر ڪن پيا شهرين کان هٿيارن جي زور ته هٿياربند موٽرسائيڪلون ڦر ڪن پيا شهري پنهنجو پاڻ رات جو جاڳي چوڪيداري ڪن پيا پر پوليس ڪٿي به نظر نه پئي اچي انهي کان علاوه شهر مان اڪثر پوليس چوڪيون بند ڪري ڇڏيون آهن ۽ ڦورون شهر ۾ داخل ٿي ڪري آساني سان شهر مان ڦرون ڦر ڪن پيا اسين آء جي سنڌکان مطالبو ڪيون ٿا ته بدامني جو جو نوٽيس وٺي ضلعي م امن امان ڪرايو وڃي ڪنڌڪوٽ شهر ۽ آس پاس جي علائقن ۾ قبيلائي جيهڙا وڌيڪ ٿي ويا آهن انھن کان علاوه بدامني ۾ به اضافو ٿي رهيو آهي هنن وڌيڪ چيو ته جهيڙن سبب معصوم ٻارن جي تعليم ته پڻ اثر پئجي رهيو آهي ۽ بدامني سبب استاد حضرات ٻهراڙي جي اسڪولن ڏانهن نه پيا وڃن اسين ضلعي انتظاميا ۽ چونڊيل نمائندن کي اپيل آهي ته قبيلائي جهيڙا ختم ڪرائين جئين وڌيڪ به گناه جانيون بچي پون ۽ ٻارڙن جي تعليمي نظام ٻيهرشروع ٿي سگهي