ڪنڌ ڪوٽ :ضلعي جي ڪچي ۾ ڏوھاري گينگز خلاف ڀرپور آپريشن جون تياريون آ جي سنڌ جي ڪچي جو ۽ ڪنڌ ڪوٽ گھوٽڪي پل جو به دورو ڪيو ـ

ڪنڌ ڪوٽ: ضلعي جي ڪچي ۾ ڏوھاري گينگز خلاف ڀرپور آپريشن جون تياريون آ جي سنڌ جي ڪچي جو ۽ ڪنڌ ڪوٽ گھوٽڪي پل جو به دورو ڪيو ـ پروفيسر اجمل ساوند جي قاتلن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو ـ آپريشن وڌيڪ تيز ڪرڻ لاء نوان پلان جوڙيا آهن آء جي سنڌ غلام نبي ميمڻ جو صحافين سان ڳالهيون تفصيل موجب ـ ڪنڌ ڪوٽ آ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ضلعي جي ڪچي ۾ ھلندڙ آپريشن جي حوالي سان ۽ ڪنڌ ڪوٽ گھوٽڪي پل جو دورو ڪيو ڪچي ۾ ايس ايس پي عرفان سمون پاران پوليس جي پڪٽن ۽ مقرر اھلڪارن جي حوالي سان بريفنگ ڏني ڪچي ۾ مختلف ڏوھاري گينگز جي موجودگي جي حوالي ٻڌايو ويو جنهن بعد آ جي سنڌ پوليس غلام نبي ميمڻ جي صدارت ھيٺ ايس ايس پي آفيس ڪنڌ ڪوٽ ۾ لاڙڪاڻي ڊويزن جي ڊي آ۔ جي ـ ۽ ايس ايس پيز سان امن امان جي صورت حال ڏوھارين جي خلاف ٽارگيٽيڊ آپريشن ۽ انتھائي پڙھيل لکيل پي ايڇ ڊي ڪندڙ پروفيسر اجمل ساوند جي قاتلن جي حوالي سان اھم گڏجاڻي ڪري نوان پلان جوڙيا ويا آهن گڏجاڻي بعد ضلعي جي شھيد پوليس اھلڪارن ـ عملدارن جي بيواھين ـ ٻارن کي عيد گفٽ ڪپڙا ۽ روڪ رقم ڏنا ويا انھي موقعي تي فرنٽ لائين تي ڏوھارين سان مھاڏو اٽڪائيندڙ پوليس عملدارن ـ پوليس اھلڪارن سان ملڻ لاء رکيل تقريب کي خطاب ڪندي آ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو ته پوليس جو فرض آهي ته مظلوم سان انصاف ڪيو وڃي جڏھن اوھان پنهنجو فرض ايمانداري سان ڪندو ته اوھان کي سڪون ـ دعايون ۽ عوام پاران زنده آباد جا نعرا ملندا جيڪڏهن غلط ڪم ڪندو ته ابتو بددعايون ـ بي سڪون ملندي منهنجي ڪوشش آهي ته پوليس جي جوانن ۽ خاندان جي فردن کي علاج جون سھولتون ڏياريون جنھن تي وزيراعلي سنڌ مراد علي شاھ سان به ڳالھيون آهي جنھن بعد ايس ايس پي آفيس ۾ آ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ پرھجوم پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پڙھيل لکيل ٽيلنٽ يافيا نوجوان پروفيسر ڊاڪٽر اجمل ساوند جي قتل جو واقعو پيش آيو جيڪو به قبيلائي تڪرار جي ڪري اصل ۾ قبيلائي تڪرار سنڌ لاء ناسور بڻجي ويا آهن انھي جيھڙن ۾ اصل ۾ ڏوھاري ماڻھو ھي ملوث ھوندو آهي پرفيسر اجمل ساوند جي قاتلن لاء پوليس مسلسل ڪاروايون ڪري رھي آهي جلد قاتل قانون جي گرفت ۾ ھوندا ڏوھارين جي حوالي سان پوليس وٺ ٻھ آپشن آھن ته ڏوھاري سان جنگ ڪن يا ڏوھارين کي رستو ڏيون پر سنڌ پوليس جا بھادر جوان جنگ ڪري ڏوھارين سان وڙھي رھيا آهن آپريشن جي حوالي ساـ نوان پلان جوڙيا آهن اڳ ۾ پوليس ھنن تائين جيڪو ھٿيار پھچي رھيو آهي انھي کي روڪي سھولتڪارن جي خلاف به ڪاروايون ڪنداسي سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ پوليس آپريشن ڪري امن ڪرايو آهي اھڙي ريت ڪنڌ ڪوٽ ڪشمور ۾ به امن ٿيندو قبيلائي تڪرارن جو خاتمو تڏھن ٿيندو جڏھن عوام پاڻ چاھيندي ـ