ڪنڌ ڪوٽ :قبيلائي دھشتگردي ۾ قتل ٿيل پروفيسر اجمل ساوند جي قاتلن جي گرفتاري لاء شعور ونڊن جو احتجاج واقعي خلاف عدالتن جو بائيڪاٽ ڪيو ويو پوليس جي ٻئي ڏينهن تي به جوابدارن جي ڳولا ۾ ڪاروائي پر جوابدار ھٿ نه آيا مقتول جي ڀاء اشرف ساوند جي فرياد تي قتل جو ڪيس 10 جوابدار سڃاتل ء ٻھ اڻسڃاتل شامل پر مقتول جا قاتل گرفتار ڪرڻ م ناڪام ٻئي ڌريون مورچا بند ٿي ويون ڪنهن به وقت خونريزي وڌي سگهي ٿي

ڪنڌ ڪوٽ :قبيلائي دھشتگردي ۾ قتل ٿيل پروفيسر اجمل ساوند جي قاتلن جي گرفتاري لاء شعور ونڊن جو احتجاج واقعي خلاف عدالتن جو بائيڪاٽ ڪيو ويو پوليس جي ٻئي ڏينهن تي به جوابدارن جي ڳولا ۾ ڪاروائي پر جوابدار ھٿ نه آيا مقتول جي ڀاء اشرف ساوند جي فرياد تي قتل جو ڪيس 10 جوابدار سڃاتل ء ٻھ اڻسڃاتل شامل پر مقتول جا قاتل گرفتار ڪرڻ م ناڪام ٻئي ڌريون مورچا بند ٿي ويون ڪنهن به وقت خونريزي وڌي سگهي ٿي تفصيل موجب ھڪ ڏينهن اڳ سندراڻي برادري جي ھٿياربندن جي ھٿان قتل ٿيل آء بي اي جي پروفيسر شھيد ڊاڪٽر اجمل خان ساوند قتل جو ڪيس مقتول جي ڀاء اشرف علي ساوند جي فرياد تي اعجاز علي سندراڻي راڻو سندراڻي ميندرو سندراڻي بخت علي سندراڻي واحد بخش سندراڻي صفيل سندراڻي غلام مصطفي سندراڻي راحب سندراڻي محمد علي سندراڻي فرمان علي سندراڻي سميت 12 ڄڻا جڏهن ته ٻھ اڻ سڃاتل شامل آهن ڪشمور پوليس ھن وقت تائين مقتول جا قاتل گرفتار ڪرڻ م ناڪام ٿي وئي ء ٻئي ڌريون مورچابند ٿي ويون ڪنهن به وقت خونريزي وڌي سگهي ٿي ھوڏانھن ڪنڌ ڪوٽ ۾ خوني تڪرار ۾ ساوند سندراڻي برادري ۾ ھلندڙ پراڻي ڪارنھن جي قبيلائي جيھڙي ۾ گذريل ڏينهن انسان دوست ـ جانورن سان به پيار ڪندڙ فرانس سميت ٻين ملڪن ۾ پڙھي آيل ڪنڌ ڪوٽ ڄائو پي ايڇ ڊي ڪندڙ پروفيسر ڊاڪٽر اجمل ساوند کي سندراڻي برادري جي ھٿياربندن بي دردي سان قتل ڪرڻ واري واقعي تي سڄي سنڌ جي شعوري طبقو ڏکايل آهي ڪنڌ ڪوٽ ۾ سياسي سماجي تنظيمن پاران جماعت اسلامي جي ضلع امير غلام مصطفي ميراڻي ـ ايس ٽي پي جي ضلع صدر اڪرم باجڪاڻي ـ ايس يو پي اڳواڻ ظريت بجاراڻي ـ شاھنواز مرھٽو ـ جسم جي گھايل سنڌي ـ ڪامريڊ عباس ـ قومي عوامي تحريڪ جي سجاد بروھي ـ شعيب ڊومڪي ـ رميش لال ـ شعوري سوچ رکندڙ توفيق احمد کوسو ـ اصغر شيخ ـ حاجي الطاف حسين بنگوار ـ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو ۽ گھنٽاگھر چوڪ تي احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو مظاھرين شعور جي قتل خلاف سخت نعريبازي ڪندي چيو ته انھي قتل جي ذميواري رياست ۽ قانون جي رکوالا ڪندڙ ادارا آهن علم دوست ـ شعور ۽ علم جي روشني ڏيندڙ انسان جو قتل پوري سنڌ جو قتل آهي پوليس قاتلن تائين پھچڻ بدران خالي چڙھايون ڪرڻ جون پوسٽون ۽ خبرون ھلائي رھي آهي پوليس مڪمل ناڪام آهي اسين قاتلن جي گرفتاري ۽ انصاف ملڻ تائين خاموش نه وينداسي سنڌ جي نوجوانن کي شعور ۽ تعليم ڏيڻ لاء پرڏيھ ۾ مراعتون ڇڏي واپس پنهنجي ڌرتي ڌڻين سان گڏ اچي آء بي اي يونيورسٽي سکر ۾ پروفيسر ٿيندڙ اجمل ساوند جي بي رحماڻي قتل خلاف ڊسٽرڪٽ بار جي صدر سيد سڪندر علي شاھ ـ جنرل سيڪريٽري عبدالغني بجاراڻي ـ سيد زاھد شاھ سميت ٻين اڳواڻن پاران عدالتي بائيڪاٽ جو فيصلو ڪيو جنهن ڪري ضلعي اندر عدالتي بائيڪاٽ رھيو ڪو به ڪيس وڪيلن پاران نه ھلايو ويو ھاء پروفائيل ڪيس ٿيڻ جي باوجود پوليس جوابدارن کي گرفتار نه ڪري سگھي پوليس ترجمان موجب ٻئي ڏينھن تي به جوابدارن جي گرفتاري لاء ايس ايس پي عرفان سمون جي ھدايت تي چڙھائي ڪئي پر ڪو به جوابدار قاتل ھٿ نه آيو پوليس گھرن کي ڊاھي موٽي آئي .
ڪنڌ ڪوٽ ڊر ـ ڪنڌ ڪوٽ بشير خان قريشي جي 11 ورسي جي تقريب جسم آفيس ۾ ٿي جتي گھايل سنڌي ـ ڪامريڊ عباس باجڪاڻي ـ سلطان نندواڻي ۽ ٻين ورڪرن کي خطاب ڪندي چيو ته بشير خان قريشي سنڌ ڌرتي جو سچو ۽ دلير پٽ ھو جنهن جي ڪيل جدوجھد ھميشا ياد رھندي سنڌ جي تاريخ ۾ بشير خان قريشي ھميشا زنده آهي