تفصيل موجب ـ ماء جو کير ٻار کي پيارڻ لاء عالمي ڏھاڙي تي آغا خان ميڊيڪل سينٽر ڪنڌ ڪوٽ ۾ سمينار ۾ صحت کاتي لاء ڪم ڪندڙن ادارن جي ۽ صحت کاتي جي عملدارن شرڪت ڪئي انھي موقعي ڊاڪٽر ثناء آرائين ڊاڪٽر فريدا ـ ڊاڪٽر عادل سھرياڻي ـ سلطان کوسو ـ عبدالوھاب احسان ڀٽو ـ آغاخان پروگرام جي ڊسٽرڪٽ مينيجر گل منگي ـ ۽ ٻين چيو ته ماء جو کير ٻار لاء تمام ضروري آهي ھر عورت ڇھ مھينن تائين صرف پنهنجو کير پياري جيڪو ماء ۽ ٻار جي صحت لاء تمام ضروري آهي ٻھ سال تائين کير پيارڻ گھرجي جنھن سان جسماني ۽ ذھني نشونماء لاء تمام سٺو آهي ويم دوران جيڪي ويڪسين لڳڻ ضروري آهي جنهن ڪري سڀني کي معلومات ھجڻ گھرجي ڪافي بيمارين کان بچاء لاء پيدا ٿيندڙ ٻار کي به لڳرايا وڃن سمينار ۾ سوال جواب پڻ ڪيا ويا جنهن بعد عورتن سميت آگاھي ريلي ڪڍي وئي ريلي آغا خان ميڊيڪل کان ڊاڪٽر عبدالواھاب ـ گل منگي ميڊم فريدا ـ انمول پري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب ريلي ڪڍي وئي