ڪنڌ ڪوٽ واپارين کان ڀتاخوري ۽ ضلعي ۾ وڌندڙ بدامني خلاف آل پارٽيز موومينٽ جي سڏ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو مظاھرین پريس ڪلب کان وٺي گهنٽا گهر چوڪ تائين ريلي ڪڍي وئي آڊيو وائرل ٿيڻ جي باوجود وس وارن نوٽيس نه ورتو عوام پوليس کان مايوس ٿي وئي آهي ال پارٽيز مومينٽ
تفصيل موجب؛ ڪنڌڪوٽ، تنگواڻي، غوثپور سميت ضلعي اندر ڌاڙيل گينگ پاران واپاري، معززين مالدار شريف عوام کان ڀتو وصول ڪرڻ لاءِ چٺي ۽ فون ذريعي ڌمڪائي جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو ڌاڙيل ڪلچر ڏوھارين جي ظلم، ڀتاخوري جي خلاف آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ شامل تنظيمن پاران شامل اڳواڻن دلمراد ڏاھاڻي، ڊاڪٽر ميهر چند حاجي حضور بخش مغل سونارو اشوڪ ڪمار سونارو غلام مصطفيٰ ميراڻي ، ظريت بجاراڻي ۽ ٻين اعلانيل احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو مظاهرين پريس ڪلب کان گهنٽا گهر چوڪ تائين ريلي ڪڍي وئي مظاهرين چيو ته ڌاڙيلن ۽ ايس يو پي ضلعي صدر دلمراد ڏاھاڻي ۽ واپارين ۾ ٿيل ڌمڪين واري آڊيو وائرل ٿيڻ جي باوجود سنڌ پوليس سميت وس وارن نوٽيس به نه ورتو آهي ڌاڙيلن جي ڌمڪيون ڏيڻ تي ھندو واپارين ۾ خوف ۽ حراس پيدا ٿيل آهي