پريالوءِ (رپورٽر) ڪنگري جي ڳوٺ راهوجا جي رهواسي عورت مسمات بختاور شيخ پنهنجي مڙس علي رضا شيخ سان گڏ پريس ڪلب پيرجوڳوٺ پهچي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته هن جي شادي والدين جي مرضي سان 5 سال اڳ ٿي هئي جتي آء پنهنجي مڙس سان خوش زندگي گذاري رهي آهيان پر هاڻي منهنجو ويڳو پي عمران لوڊرو ۽ ان جي ڀيڻ شبنم لوڊرو مون کي زبردستي طلاق وٺرائي ٻئي هنڌ وڪرو ڪرڻ چاهين ٿا هن الزام ھڻندي چيو ته شبنم لوڊرو جا ڏوهاري ماڻهن سان واسطا آهن جيڪا مختلف طريقن سان عورتن کي ڏوهارين تائين پهچائيندي آهي هن چيو ته شبنم لوڊرو ۽ عمران لوڊرو منهنجي مڙس ۽ جاگيراڻي برادري جي چڱن مڙس حاجي آصف جاگيراڻي مٿان منهنجي اغوا جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو آهي هنن الزام هڻندي چيو آهي ته اسان جي زندگين کي سخت خطرو آهي هنن آئي جي سنڌ ڊي آئي جي سکر ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي تحفظ فراهم ڪيو وڃي