پريالوءِ : ڪنگري جي ڪچي واري علائقي، واڏا ماڇيون ٿاڻي جي حد ۾ ڪارنهن الزام هيٺ قتل جو واقعو پيش ڳوٺ محرم جاگيراڻي جو رهواسي محبوب عرف پپن جاگيراڻي ۽ ڳوٺ صوبل جاگيراڻي سان تعلق رکندڙ ناري، ستاراه ڌي حبيب الله جاگيراڻي کي پنهنجي برادري جي ماڻهن بي دردي سان قتل ڪري ڇڏيو. اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کي تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو. پوليس موجب قتل جو ڪارڻ ڪارنهن جو شڪ آهي،
هوڏانهن ساڳئي واقعي ۾ زخمي ٿيل پسند علي جاگيراڻي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ خيرپور اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. علائقي ۾ ڏُک، خوف ۽ سوڳ جي فضا ڇانيل آهي.