ڪهڙي اداڪارا سان سلمان خان جي شادي جا ڪارڊ به ڇپجي چڪا هئا؟

ممبئي: بالي ووڊ ۾ ڀائي جان سوڌو دبنگ خان جي نالي سان مشهور سلمان خان جي ادڪارائن سان عشق بابت ته سڀني کي خبر هوندي پر ڇا اوهان کي اها خبر آهي ته هڪ ڀيرو ڳالهه ايتري اڳتي وڌي وئي هئي جو سلمان خان جي هڪ اداڪارا سان شادي جا ڪارڊ به ڇپجي ويا هئا؟جي ها! سلمان خان ٻڌايو ته ”سنگيتا بجلاني“ سان سندس شادي جا ڪارڊ به ڇپجي ويا هئا پر پوءِ شادي نه ٿي سگھي.هڪ پروگرام دوران سلمان خان چيو ته آئون ڪڏهن به ڪنهن سان بريڪ اپ ناهي ڪيو ڇو جو منهنجي ڪا گرل فرينڊ رهي ئي ناهي، مون کان جڏهن به ڪو شادي بابت سوال ڪندو آهي ته مون کي مونجهارو ٿيندو آهي.سلمان خان چيو ته ڪجهه بيوقوف مون کان پڇندا رهندا آهن ته اوهان شادي ڇو ناهيو ڪري رهيا، اهو منهنجي هٿ ۾ ٿورئي آهي، مون کي زندگي ۾ ڪيتريون ئي مناسب ڇوڪريون مليون، هڪ وقت هو جڏهن مان شدت سان شادي ڪرڻ چاهيندو هيس.اداڪار موجب هو سدائين شادي جي گھڻو ويجهو اچي ويندو هو پر پوءِ شادي نه ٿي سگھي، سنگيتا سان شادي جا ڪارڊ به ڇپجي ويا هئا پر پوءِ به شادي نه ٿي سگھي.واضح رهي ته سنگيتا ۽ سلمان خان 1986ع ۾ ڊيٽ ڪرڻ شروع ڪيو هو، 1994ع ۾ ٻنهي شادي ڪرڻ جو ارادو به ڪري ورتو هو پر پوءِ اداڪار جوڙي جي شادي نه ٿي سگھي هئي.1996ع ۾ سنگيتا اڳوڻي ڪرڪيٽر اظهر الدين سان شادي ڪئي هئي، اظهر الدين پنهنجي پهرين زال کي طلاق ڏئي ڇڏي هئي، ان کان پوءِ سنگيتا ۽ اظهر الدين جي 2010ع ۾ عليحدگي ٿي هئي.