ڪوئٽه: بي اين پي سربراهه اختر مينگل جي سربراهي ۾ جاري ڌرڻي ڀرسان آپگهاتي ڌماڪو

  ڪوئٽه جي لڪ پاس  جي هنڌ تي بلوچستان نيشنل پارٽي(بي اين پي مينگل) جي ڌرڻي ڀرسان آڦگهاتي حملي آور پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو. رپورٽ موجب ليويز ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته ڌماڪي ۾ ڪنهن به قسم جو جاني نقصان نه ٿيو آهي، ڌماڪو بي اين پي جي جاري ڌرڻي جي هنڌ کان ڪجهه فاصلي تي ٿيو، ذريعن موجب ڌماڪي ۾ بي اين پي قيادت ۽ ڪارڪن محفوظ رهيا. سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته ريسڪيو ٽيمون واقعي واري هنڌ روانيون ڪيون ويون آهن جڏهن ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن علائقي کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو آهي. پوليس موجب تلاشي وٺن جي دوران شڪي شخص پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو، ڌماڪي جو آواز پري پري وارن علائقن ۾ به ٻڌو ويو، آڦگهاتي ڌماڪي جي نتيجي ۾ ڪنهن به قسم جي جاني نقصان جي حوالي سان ڪي به اطلاع سامهون نه آيا آهن، بلوچستان  حڪومت جي ترجمان شاهد رند چيو آهي ته بلوچستان حڪومت واقعي جي مڪمل جاچ ڪري رهي آهي، لڪ وٽ آپگهاتي ماڪي جي هنڌ ڀرسان بلوچستان نيشنل پارٽي جو ڌرڻو جاري هو، سردار اختر مينگل ۽ بي اين پي جي سموري سياسي قيادت ۽ شرڪت ڪندڙ محفوظ آهن.