ڪوئٽه ۾ دهشتگردي جو وڏو منصوبو ناڪام، هٿيار ۽ بارودي مواد جو وڏو ذخيرو هٿ

ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ(سي ٽي ڊي) ڪوئٽه ۾ دهشتگردي جو وڏو منصوبو ناڪام بنائندي سرياب روڊ تان  ڳري مقدار ۾ هٿيار ۽ ڌماڪيدار مواد هٿ ڪري ورتو آهي، جڏهن ته ڪابه گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي آهي. سي ٽي ڊي ترجمان موجب ڳجهي اطلاع ملي هئي ته دهشتگردن ڪوئٽه شهر ۾ تخريبڪاري جو وڏو منصوبو ٺاهيو آهي ۽ انهي مقصد جي لاءِ وڏي تعداد ۾ هٿيار ۽ بارودي مواد سرياب روڊ تي ريڊيو پاڪستان ٽاور ڀرسان جمع ڪري رکيو آهي جنهن تي سي ٽي ڊي ٽارگيٽيڊ آپريشن ڪندي سرياب روڊ تي ريڊيو پاڪستان ٽاور ڀرسان 20 ڪلو گرام  آءِ اي ڊي جنهن ۾ ريموٽ ڊيٽنيشن ميڪانزم لڳل هو، زمين اندر دفن 50 ڪلو گرام هاءِ گريڊ ڌماڪيدار مواد، 5 دستي بم، 3 نائن ايم ايم پسٽل، ڊيٽونيٽرز، وائرنگ ۽ ٽرگرنگ اپريٽس هٿ ڪري قبضي ۾ وٺي ڇڏيا جڏهن ته ڪابه گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي. سي ٽي ڊي ترجمان موجب شروعاتي جاچ ۾ اها ڳالهه سامهون آئي ته دهشتگرد ايندڙ 24 کان 72 ڪلاڪن دوران هڪ وڏي دهشتگردانه حملي جي منصوبه بندي ڪري رهيا هئا، سي ٽي ڊي ذريعن موجب دهشتگردي   جي خاتمي واري ايڪٽ جي لاڳاپيل قلمن جي تحت پوليس اسٽيشن سي ٽي ڊي ڪوئٽه ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي جڏهن ته هٿ آيل هٿيار ۽ ڌماڪيدار مواد فارنزڪ لاءِ اماڻيو ويندو. ملوث ماڻهن جي سڃاڻپ ۽ گرفتاري جي لاءِ انٽيليجنس تي ٻڌل ڪارروايون ڪيون پيون وڃن.