ڪوهاٽ: شيخان واري علائقي ۾ راند دوران دستي بم ڦاٽڻ سبب 2 ٻارڙا فوت، 2 زخمي

خيبرپختونخواهه صوبي جي شهر ڪوهاٽ واري علائقي ۾ دستي بم ڦاٽڻ جي نتيجي ۾ 2 ٻارڙا فوت، جڏهن ته 2 زخمي ٿي پيا. رپورٽ موجب صدر پوليس اسٽيشن جي هڪ اهلڪار ٻڌايو ته  ٻارڙا هڪ خالي پلاٽ ۾ دستي بم سان راند کيڏي رهيا هئا ته ان دوران ڌماڪو ٿي پيو، جنهن دوران 2 ٻارڙا 11 ورهين جو سليمان ۽ 12 ورهين جو محمد قاسم ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويا. جڏهن ته 2 ڀائر 12 ورهين جو عذيفه ۽ 7 ورهين جو معاذ سخت زخمي ٿي پيا. واقعي جي اطلاع ملندي ئي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ريسڪيو 1122 ايمبولينس کي طلب ڪري ورتو جنهن فوت ٿي ويل ٻارن ۽ زخمين کي ڪي ڊي اي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو. ريجنل پوليس آفيسر(آر پي او) عباس مجيد مروت ۽ ڊسٽرڪٽ پوليس آفيسر(ڊي پي او) ڊاڪٽر زاهد الله خان واقعي واري هنڌ جو دورو ڪيو ۽ علائقي ۾ دستي بم ملڻ جي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.