نيب 40 ارب روپين جي ڪوهستان ميگا ڪرپشن اسڪينڊل ۾ اهم جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو جن ۾ 2 سرڪاري آفيسر ۽ 3 ٺيڪيدار به شامل آهن رپورٽ موجب ڪوهستان ڪرپشن اسڪينڊل ۾ گرفتار جوابدارن کي اڄ احتساب عدالت ۾ يپش ڪيو ويندو. نيب ڪوهستان ميگا اسڪينڊل ۾ 2 سرڪاري آفيسرن ۽ 3 ٺيڪيدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. جوابدارن تي جعلي چيڪ، مني لانڊرنگ ۽ بي نامي اڪائونٽس جي ذريعي خرد برد جو الزام آهي ذريعن ٻڌايو آهي ته ڊسٽرڪٽ اڪائونٽ آفيسر جو مُک ڪردار آهي، سرڪاري دستاويزات ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته اي جي آفيس ملي ڀڳت سان فنڊز جو غير قانوني استعمال ڪيو نيب ذريعن موجب ڪوهستان ميگا اسڪينڊل جي جاچ ۾ وڌيڪ گرفتارين جو به امڪان آهي. جوابدارن جعلي بلنگ، جعلي تعميراتي فرمز جي ذريعي اربين روپين جي هيرا ڦيري ڪئي آهي.