ڪوٽڙي اسٽيشن ڀرسان مال گاڏي جو حادثو، انجڻ ۽ ٻه بوگيون پٽڙي تان لهي ويون

ڪوٽڙي (اسٽاف رپورٽ) لاھور کان ڪراچي ويندڙ مال گاڏي ڪوٽڙي ريلوي اسٽيشن ڀرسان حادثي جو شڪار ٿي وئي، جنهن ۾ ٻه بوگيون ۽ انجڻ پٽڙي تان لهي ويون. ريلوي انتظاميه موجب حادثو اسٽيشن جي ڊائون يارڊ ويجهو پيش آيو. حادثي کان پوءِ انجڻ هڪ ٽريڪ تان ٻئي ٽريڪ تي منتقل ٿي ويو، جڏهن ته ويجهو وڏي آبادي هجڻ باوجود وڏو نقصان نه ٿيو.ريلوي اختيارين جو چوڻ آهي ته مين ٽريڪ کي بحال ڪيو ويو آهي ۽ ٽرينن جي ٽريفڪ به بحال ٿي وئي آهي. البت مال گاڏي جي ٽريفڪ عارضي طور بند ڪئي وئي آهي. ڪرين گهرائي وئي آهي ۽ اميد آهي ته انجڻ ۽ ٻئي بوگيون چار ڪلاڪن اندر واپس پنهنجي روٽ تي اچي وينديون.