ڪينال منصوبي جي ڪري پ پ وفاق جي حمايت نه ڪبي: نثار کهڙو

 پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙي چيو آهي ته جيڪڏهن وفاقي حڪومت ڪينال منصوبي کان دستبردار ٿيڻ جو اعلان نه ڪيو ته پيپلز پارٽي ان جي حمايت واپس وٺي ڇڏيندي. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته تڪراري ڪينال منصوبي خلاف ڪراچي، ميرپور خاص ۽ سکر ۾ احتجاجي ريليون ڪڍيون وينديون.نثار کهڙي وڌيڪ چيو آهي ته پيپلز پارٽي تي سنڌ ڪارڊ استعمال ڪرڻ جو الزام لڳائيندڙ ماضي ۾ ڪالاباغ ڊيم ۽ گريٽر ٿل ڪينال جا حامي رهيا آهن. هن چيو آهي ته سنڌ ۾ چانورن ۽ ڪمند جي فصلن لاءِ به پاڻي موجود ناهي.