ڪيٽي بندر ۾ انڊس ڊيلٽا جو دورو، مٺي پاڻي اچڻ سان ماحولياتي نظام بحال ٿيڻ لڳو

رين ايمرجنسي فوڪل پرسن ۽ صوبائي وزير عشر زڪوات سيد رياض حسين شاھ شيرازي ايم پي ايز جي وفد سان گڏجي ڪيٽي بندر ۾ انڊس ڊيلٽا جو دورو ڪيو ۽ صورتحال جو جائزو ورتو. وفد ۾ ساديہ جاويد، قصا شاٽ، شازيہ ڪريم سنگهار، رخسانه شاھ، تنزيلا قمبراڻي، سجاد احمد سومرو، مهيش ڪمار ۽ اڳوڻو ايم پي اي سيد امير حيدر شاھ شيرازي سميت ٻيا به شامل هئا. وفد هوڙن ۽ لانچن ذريعي ڊيلٽا جي آخري ڳوٺ آٿرڪي پهتو، جتي سيد رياض حسين شاهه شيرازي سنڌو درياھ ۾ اچڻ واري مٺي پاڻي بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. صوبائي وزير ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌو درياھ ۾ مٺو پاڻي اچڻ سان ڊيلٽا واسين جي زندگين ۾ نئون ساهه آيو آهي. هن چيو ته وفاقي حڪومت جو موقف آهي ته مٺو پاڻي زيان ٿي رهيو آهي، پر حقيقت ۾ ان جي هتي سخت ضرورت آهي. مٺو پاڻي اچڻ سان ماحولياتي نظام کي فائدو ملي رهيو آهي، مڇي ۽ جهينگن جي پيداوار وڌي آهي ۽ مهاڻن جي چهرا خوشي سان چمڪي رهيا آهن. سيد رياض شاهه وڌيڪ چيو ته هن وقت اڍائي کان ٽي لک ڪيوسڪ پاڻي سمنڊ ۾ وڃي رهيو آهي ۽ جيڪڏهن ڇهه لک ڪيوسڪ به اچي ته به ڪو خطرو ناهي. هن وضاحت ڪئي ته سنڌ حڪومت امڪاني ٻوڏ کي نظر ۾ رکندي سموريون تياريون مڪمل ڪري ڇڏيون آهن، عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت حڪومت جي پهرين ترجيح آهي. اسمبلي ميمبرن به وفد سان ڳالهائيندي زور ڏنو ته انڊس ڊيلٽا ۾ آبي جيوت ۽ مڇي جي تحفظ لاءِ مٺي پاڻي جي فراهمي لازمي آهي، ڇو⁠تہ اهو علائقي جي معيشت ۽ ماحول ٻنهي لاءِ حياتي حيثيت رکي ٿو.