ڪي پي ڪي جي وڏي وزير علي امين جو گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سان پهريون باضابطه رابطو

خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سان پهريون باضابطه طور تي رابطو ڪيو آهي.خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي دعوت تي صوبي جي سياسي ۽ امن امان جي صورتحال تي مختلف سياسي پارٽين جي مشاورت سان گهرايل جرڳي ۾ شرڪت ڪندو.ڪي پي ڪي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جو گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سان پهريون باضابطه رابطو ٿيو جنهن کان پوءِ گورنر خيبرپختونخواهه فيصل ڪريم ڪنڊي اسلام آباد ۾ سموريون مصروفيتون ختم ڪري پشاور جي لاءِ روانو ٿي ويو آهي.گرينڊ جرگو سمورين سياسي پارٽين جي پارلياماني اڳواڻن جي مشاورت جي نتيجي ۾ گهرايو ويو آهي جرڳي جي سربراهي صوبي جو چيف ايگزيڪيوٽو ڪندو.صوبائي جرگي جي تجويزن تي وڏو وزير علي امين گنڊاپور رات دير سان گهرو وزير محسن نقوي ۽ ڪي پي ڪي جي گورنر سان به رابطو ڪيو هو. گهرو وزير محسن نقوي به گرينڊ جرگي ۾ وفاقي حڪومت جي نمائندي جي حيثيت سان شريڪ ٿيندو.ياد رهي ته فيصل ڪريم ڪنڊي مئي 2024 ۾ ڪي پي ڪي جي گورنر جي عهدي جو حلف کنيو هو. ڪي پي ڪي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور گورنر جي حلف برداري تقريب ۾ به شرڪت نه ڪئي هئي جڏهن ته ٻئي صوبائي عهديدار هڪ ٻئي جي خلاف ڪيترائي بيان پڻ ڏئي چڪا آهن.