پريالوءَ ڀرسان جاگيراڻي ۽ جلباڻي برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ جاري تڪرار ۽ فائرنگ کي بند ڪرائڻ لاءِ ڳوٺ گاگڙي سولنگي مان پهتل، سولنگي برادري سان تعلق رکندڙ چڳو مڙس ملان اسد سولنگي گولي لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي وارثن فوري طور تي اسپتال منتقل ڪيو ويو جڏهن زخمي ٿيل زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. ملان اسد سولنگي علائقي ۾ هلندڙ تڪرار جي خاتمي لاءِ صلح ڪرائڻ جي نيت سان ويٺو هو، پر ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ ڇڪتاڻ دوران فائرنگ شروع ٿي، جنهن ۾ هو نشانو بڻجي ويو. واقعي بعد علائقي ۾ سخت خوف ۽ حراس ڇانجي ويو آهي، جڏهن ته پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي. لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته صورتحال تي ضابطو آڻڻ لاءِ وڌيڪ نفري مقرر ڪئي وئي آهي.