گذريل رات اڻ ڄاتل ھٿياربندن جي فائيرنگ ۾ شھيد ٿي ويل مقتول پوليس اھلڪار غلام نبي سومرو جي وارث ۽ سومرا برادري جي چڱي مڙس سڪندر سومرو تدفين وقت ميڊيا وران سان ڳالھائيندي چيو ته پوليس پڪٽ تي حملو ڪري اھلڪار کي شھيد ڪرڻ پوليس تي داغ آھي جنھنکي ڌوئڻ لا۽ ھنن کي ڏوھارين خلاف موثر ڪاروائي ڪرڻي پوندي ۽ واقعي ۾ ملوث ڏوھارين کي ڪيفر ڪردار تائين پھچائڻو پوندو۔ ھڪ سوال جي جواب ۾ ھن چيو ته پوليس جا اعلا عملدار رات ئي اسان وٽ تڏي تي لنگھي آيا ۽ خاطري ڏنائون ته ڏوھارين کي ھر حال ۾ گرفتار ڪيو ويندو۔ ھن چيو ته اسانجي گھر ۾ ڪھرام متل آھي۔ اسان پوليس جي ڏنل مھلت جو انتظار ڪنداسين ۽ پو۽ اڳتي سومرا برادري جو ڪٺ گھرائي نئون لائح عمل جوڙيو ويندو۔۔ ضلعي ڪشمور ۾ امن امان جي صورتحال بھتر ناھي انجو ڳالھ جو احساس اسان سڀني کي آھي۔ پوليس ته ڏوھارين سان مقابلو ڪري شھادت جو جام پي قرباني ڏي ٿي۔ علائقي جو عوام مان مايوس آھيون جيڪي بھتر تعاون نه ٿا ڪن جنھن ڪري ڏوھارين جي آپريشن ۾ رڪاوٽون اچن ٿيون۔ اھڙن خيالن جو اظھار مقتول شھيد پوليس اھلڪار غلام نبي سومرو جي جنازه نماز بعد ڊي ايس پي صحافين سان ڳالھائيندي ڪيو۔ ھن چيو ته اسان ھر ممڪن ڪوشش ڪري رھيا آھيون ته ڏوھارين جو گھيرو تنگ ڪري کين سوگھو ڪريون ان لا۽ اسان جو ڪچي ۾ آپريشن به جاري آھي۔ پر ڪجھ مجبوريون ۽ عوام پاران ساٿ نه ڏيڻ سبب رڪاوٽون آھن۔ ھن چيو ته جلد اغوا ٿيل مغوين کي بازياب ڪرائي مقتول جي ڪيس ۾ گھربل ڏوھارين کي ڪيفر ڪردار تائين پھچائبو ھڪ ڏينھن اڳ غوثپور پوليس ٿاڻي جي شھيد پوليس اھلڪار غلام نبي سومرو کي اڻ ڄاتل 3موٽر سائيڪل سوارن دولي چوڪ تي ڊيوٽي دوران حملو ڪري بيدردي سان گوليون هڻي شھيد ڪري ڇڏيو هو. شھيد پوليس اھلڪار جي جنازه نماز غوثپور ٽائون ڪاميٽي جي گرائونڊ ۾ ادا ڪئي ويئي. جنازه نماز ۾ پوليس جي اعزاز سان کيس سلامي ڏني وئي. جنازه نماز ۾ ڊي ايس پي ڪنڌڪوٽ عبدالرشيد منگي ۽ ايس ايڇ او غوثپور اختيار ناريجو پنهنجي ٽيم سان ادا ڪئي. جنازه نماز ۾ رينجرز ڪئپٽن ضاء اعوان۔جي يو ڪارڪن حافظ ربنواز چاچڙ، سول سوسائٽي، شھرين، صحافين سوين انگ ۾ شرڪت ڪئي. شھيد اھلڪار کي جنازہ نماز کانپوءِ شھر جي مقامي قبرستان ۾ سوين آلين اکين ۽ سڏڪن سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. سول سوسائٽي، شھرين، صحافين شھيد جي مغفرت لاء تڏي تي دعائون گھريون۔