گذريل رمضان جي مقابلي ۾ اسٽريٽ ڪرائمز جي ڪاررواين ۾ گهٽتائي ٿي آهي: آءِ جي سنڌ

 آءِ جي سنڌ پوليس غلام نبي ميمڻ چيو آهي ته گذريل رمضان جي مقابلي ۾ هن ڀيري اسٽريٽ ڪرائمز جي وارداتن ۾ گهٽتائي  ٿي آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي آءِ جي سنڌ چيو ته گذريل سال رمضان ۾ روزاني 249 اسٽريٽ ڪرائمز جا ڪيسز رپورٽ ٿيا هئا جڏهن ته هن سال رمضان ۾ روزاني 175 اسٽريٽ ڪرائمز جا ڪيس رپورٽ ٿي رهيا آهن. رمضان ۾ خاص طور تي اسٽريٽ ڪرائمز جي وارداتن ۾ اضافو ٿي ويندو آهي. آءِ جي غلام نبي ميمڻ چيو ته هن سال جنوري، فيبروري ۽ مارچ ۾ ڦر، مزاحمت تي قتل جي ڪيسز ۾ واضح گهٽتائي آئي آهي جنهن ۾ وڌيڪ بهتري جي گنجائش موجود آهي، حڪومت انهي بجيٽ ۾ جاچ جي لاءِ 60  ڪروڙ روپيه رکيا آهن، وڌيڪ سي سي ٽي وي ڪيمرائن جو نظام وڌايو پيو وڃي. آءِ جي سنڌ چيو ته جاچ ۾ بهتري آئي آهي، جنهن سبب جوابدارن جي سزائن ۾ اضافو ٿيو آهي ۽ سزائن جي شرح واڌ سان ئي ڏوهن ۾ گهٽتائي آئي آهي. سنڌ حڪومت کي 2 هزار نوان جاچ آفيسر ڀرتي ڪرڻ جو به چيو آهي. آءِ جي غلام نبي ميمڻ چيو ته چاهيون ٿا ته پوليس جي نظام کي ڊيجيٽلائزيشن ڪريون انهي سان سزائن جي شرح ۾ وڌيڪ گهٽتائي ٿيندي. ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته انويسٽيگيشن آفيسرن جون بدليون وڌيڪ نه ٿين، 1490 کان وڌيڪ جاچ آفيسر آهن انهن جون بدليون نه ڪري رهيا آهيون، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مصطفيٰ عامر ڪيس ۾  گڏيل طور تي ڪيس کي حل ڪرڻ جي لاءِ ڪوشش ڪري رهيا آهيون، پراسيڪيوشن جي گائيڊ لائنز موجب انويسٽيگيشن جاري آهي.