پي ٽي آءِ جي اسيمبلي ميمبرن گرفتار ميمبرن جا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪري جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. بيرسٽر گوهر چيو آهي ته جيستائين اسان جي ساٿين کي آزاد نه ڪيو ويندو، اسان جي 10 ميمبرن کان سواءِ ٻيو ڪوبه ميمبر ايوان ۾ نه ايندو.قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ شروع ٿيو. اپوزيشن ڳالهائڻ جي اجازت گهري پر کين اجازت نه ملي، پي ٽي آءِ اڳواڻن خيالن جو اظهار ڪرڻ جو موقعو نه ملڻ تي احتجاج ڪيو ۽ گرفتار اسيمبلي ميمبرن جا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪرڻ جا نعرا لڳايا.پيپلز پارٽي جو ميمبر خورشيد شاهه اپوزيشن جي حق ۾ بيهي رهيو ۽ چيو ته جيڪڏهن پي ٽي آءِ ميمبر ڳالهائڻ جي اجازت گهري رهيا آهن ته انهن کي ڳالهائڻ ڏيو، پي ٽي آءِ وارا به هن ايوان جو حصو آهن انهن کي به ڳالهائڻ ڏيو، خورشيد شاهه جي انهي ڳالهه تي پي ٽي آءِ ميمبرن طرفان ڊيسڪون وڄايون ويون.علي محمد خان چيو ته رياست جو سڀني کان مضبوط ٿنڀ پارليامينٽ آهي، نقاب پوش ماڻهو پارليامينٽ مان اسان جي ميمبرن کي کڻي ويا آهن مون آءِ جي (جيڪو اسيمبلي اجلاس ۾ آيل هو) کان پڇو ته ڇا اهي اوهان جا ماڻهو هئا؟ جنهن تي آءِ جي جواب ڏنو ته اهي اسان جا ماڻهو نه هئا.هن چيو ته اسپيڪر جي چيمبر ۾ اهو طئي ٿيو هو ته اهڙن اسيمبلي ميمبرن جا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪرڻ جو طئي ٿيو هو، انهن ميمبرن کي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويندو اهو به طئي ٿيو هو. قومي اسيمبلي جو اسپيڪر پاڻ ايف آءِ آر داخل ڪرائيندو ڇو ته ڪوبه ميمبر پوليس کان ڀڄي اندر ناهي آيو. اسيمبلي اجلاس جي ڪري اهي ماڻهو هتي آيا هئا ۽ ٻاهر نه نڪتا. ڪالهه جيڪي پروڊڪشن آرڊر اسپيڪر جاري ڪيا هئا انهي تي آءِ جي اسلام آباد کي گهرائي پڇيو وڃي.اطلاعات واري وزير عطاءُالله تارڙ چيو ته اسپيڪر آفيس ۾ وڊيو موجود آهي، وڊيو جو معائنو ڪري وٺو حقيقتون سامهون اچي وينديون.بيرسٽر گوهر چيو ته 10 سيپٽمبر جو ڏينهن پارليامينٽ لاءِ ڪارو ڏينهن آهي. پارليامينٽ کي آئين ذاتي محافظ سارجنٽ ايٽ آرمز ڏنا ويا آهن نقاب پوش آيا انهن دروازا کولرايا ۽ اسان جي دوستن کي کنيو ويو.هن چيو ته اسان جو ارادو 6 وڳي جلسو ختم ڪرڻ جو هو، دنيا جو ڪهڙو ملڪ آهي جتي جلسو هڪ ڪلاڪ ليٽ ڪرڻ تي دهشتگردي جو ڪيس داخل ٿيندو آهي؟ مان ڳالهين جو قائل آهيان پر انهي کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي. اوهان جي ايوان تي وڏو ڌاڙو هنيو ويو اهي، اسان جي ڀيڻ سيمابيه جي خلاف ڪيس داخل ٿيو آهي، اسان اوهان جي عورتن جي خلاف ڪيس داخل ڪرائي سگهون ٿا پر ائين ڪرڻ سان رياست کي نقصان ٿيندو.بيرسٽر گوهر چيو ته اسان جا 10 اسيمبلي ميمبر ٿاڻن ۾ گرفتار آهن، پوليس جا ٿورائتا آهيون انهن اسان سان بهتر سلوڪ ڪيو آهي، اسان جي ساٿين جي آزادي اوهان جي ذميواري آهي. هن خبردار ڪيو ته جيستائين اسان جي ساٿين کي آزاد نٿو ڪيو وڃي اسان جي صرف 10 ايم اين ايز کان سواءِ ڪوبه ايوان ۾ نه ايندو منهنجي درخواست آهي ته اسان جي ايم اين ايز کي اڄوڪي اجلاس ۾ گهرايو وڃي.هن واضح ڪيو ته اسان ڪنهن به اسيمبلي يا پارليامينٽ مان استعيفيٰ نه ڏينداسين اسان جا 10 ايم اين ايز هتان کان گرفتار ٿيا آهن انهن کي واپس آندو وڃي.