ڀارتي رياستن اتر پرديش ۽ بهار ۾ گذريل ٽن ڏينهن کان جاري گرمي جي لهر سبب 98 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن.
پرڏيهي خابرو اداري ”انادولو“ جي رپورٽ موجب ڀارتي اختيارين گرمي سبب ماڻهن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي.
ڀارت سخت گرمي جي لهر ۾ آهي، ملڪ جي ڪجهه علائقن ۾ گذريل ڪجهه ڏينهن کان گرمي جي لهر هلي رهي آهي، جتي ڪيترن ئي هنڌن تي گرمي پد 40 ڊگري سينٽي گريڊ کان به مٿي ٿي ويو آهي ۽ اتر پرديش ۾ ان دوران 54 ۽ بهار ۾ 44 ڄڻا فوت ٿي ويا.اتر پرديش ۾ گهٽ ۾ گهٽ 400 ماڻهن کي کي علاج لاء ضلعي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو.