گلستان جوهر: گهر مان 3 عورتن جا لاش هٿ، معصوم ٻارڙي ۽ مرد زخمي


ملير، سنڌ: گلستان جوهر جي علائقي ڀٽائي آباد ۾ هڪ گهر مان 3 عورتن جا لاش هٿ آيا آهن، جڏهن ته هڪ معصوم ٻارڙي ۽ هڪ مرد زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. پوليس موجب واقعو ملير ڪينٽ ٿاڻي جي حد ۾ پيش آيو، جتي اڻڄاتل ماڻهن تيز ڌار اوزار سان عورتن کي قتل ڪيو. شروعاتي ڄاڻ موجب فوت ٿيل عورتن جي سڃاڻپ مينا، دانيه ۽ عاشي جي نالن سان ڪئي وئي آهي. زخمي ڇوڪري ۽ مرد جي سڃاڻپ نندني ۽ اجي جي نالن سان ٿي آهي، جتي زخمي مرد فوت ٿيل عورتن جو مامو ٻڌايو پيو وڃي. پوليس ايس ايس پي ملير جي قيادت ۾ ڪرائيم سين يونٽ موقعي تي پهچي جاچ شروع ڪئي آهي. شروعاتي طور تي شڪ ظاهر ڪيو پيو وڃي ته واقعو گهريلو نوعيت يا ذاتي دشمني سبب پيش آيو، پر جاچ جي دوران هر رخ کان ثبوت گڏ ڪيا پيا وڃن. پوليس جو چوڻ آهي ته زخمين کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته قاتلن جي ڳولا ۽ انهن جي گرفتاري لاءِ آپريشن جاري آهي. اهو دل ڏاريندڙ واقعو مقامي ماڻهن ۾ ڌڪ جو سبب بڻيو آهي، ۽ پوليس هر ممڪن ثبوت کي گڏ ڪندي واقعي کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.