گهرو وزارت محرم الحرام دوران سيڪيورٽي کي نظر ۾ رکندي سموري ملڪ ۾ فوج مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو

  گهرو وزارت محرم الحرام جي دوران سيڪيورٽي خدشن کي نظر ۾ رکندي سموري ملڪ ۾ فوج مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. گهرو وزارت طرفان محرم الحرام ۾ سيڪيورٽي کي نظر ۾ رکندي چئني صوبن گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ فوج مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. چئني صوبن ۽ گلگت بلتستان طرفان فوج مقرر ڪرڻ جي لاءِ چيو ويو هو. گهرو وزارت اسلام آباد ۾ به فوج مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پاڪ فوج سول ادارن جي مدد لاءِ سيڪيورٽي جا فرض انجام ڏيندي.