ملڪ دشمن سرگرمين ۾ ملوث هجڻ ۽ امن امان جي لاءِ خطرو بنجندڙ تنظيم پشتون تحفظ موومينٽ کي ڪالعدم قرار ڏئي انهي جي مٿان پابندي لڳائي وئي آهي. گهرو وزارت طرفان پي ٽي ايم کي ڪالعدم قرار ڏئي پابندي لڳائڻ جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي .جنهن ۾ چيو ويو آهي ته پشتون تحفظ موومينٽ تي پابندي 1997 جي دهشتگردي جي خاتمي واري ايڪٽ قلم 11 بي جي تحت لڳائي وئي آهي. گهرو وزارت طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ اهو به چيو ويو آهي ته پي ٽي ايم ملڪ ۾ امن امان ۽ سيڪيورٽي جي لاءِ خطرو آهي. ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ پي ٽي ايم جي سربراهه منظور پشين ڪي پي ڪي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور سان به ملاقات ڪئي هئي ۽ کيس پشتون قومي عدالت ۾ شرڪت جي پڻ دعوت ڏني هئي. واضح رهي ته پشتون تحفظ موومينٽ جي بنياد مئي 2014 ۾ رکي وئي هئي، تڏهن انهي جو نالو محسود تحفظ موومينٽ هو پر 4 سالن کان پوءِ جنوري 2018 ۾ نالو تبديل ڪري پشتون تحفظ موومينٽ رکيو ويو. پشتون تحفظ موومينٽ جو سربراهه منظور پشتين آهي ٻين اسيمبلي ميمبرن علي وزير سميت ڪيترائي اڳواڻ سنگين الزامن تحت هن وقت جيل ۾ آهن جڏهن ته هڪ اسيمبلي ميمبر ۽ مُک اڳواڻ محسن داوڙ 2021 ۾ پارٽي کان ڌار ٿي نئين پارٽي ٺاهڻ جو اعلان ڪيو هو.