گهرو وزارت 8 فيبروري تي عام چونڊن دوران موبائل ۽ انٽرنيٽ بند ڪرڻ جا سبب ٻڌائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

گهرو وزارت 8 فيبروري تي عام چونڊن دوران موبائل ۽ انٽرنيٽ بند ڪرڻ جا سبب ٻڌائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ چيو آهي ته قومي سلامتي کي آڏو رکندي مذڪوره ڄاڻ فراهم نٿي ڪري سگهجي.رپورٽ موجب 8 فيبروري تي عام چونڊن دوران موبائل فون سروس ۽ انٽرنيٽ جي بندش جي معاملي ۾ موبائل فون سروس ۽ انٽرنيٽ جي بندش جا سبب ڄاڻڻ بابت پاڪستان انفارميشن ڪميشن ۾ درخواست ڏني وئي.درخواست ۾ گهرو وزارت 8 فيبروري جي عام چونڊن جي ڏينهن موبائل فون سروس ۽ انٽرنيٽ بند ڪرڻ جا سبب ٻڌائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. گهرو وزارت مذڪوره ڄاڻ کي رائٽ ٽو انفارميشن جي تحت ڪلاسيفائيڊ قرار ڏئي ڇڏيو ۽ چيو ته سلامتي کي آڏو رکندي مذڪوره ڄاڻ فراهم نٿي ڪري سگهجي، پاڪستان انفارميشن ڪميشن به گهرو وزارت کي مذڪوره ڄاڻ ڏيڻ کان ڇوٽ ڏئي ڇڏي آهي.پي ٽي اي جواب ڏنو آهي ته گهرو وزارت وفاقي حڪومت جي حڪمن تي هدايتون جاري ڪندي آهي، پي ٽي اي اهڙين هدايتن تي عمل ڪرڻ جي پابند آهي. قومي سلامتي ۽ سيڪيورٽي صورتحال جي تحت سروسون بند ڪيون وينديون آهن. عام چونڊن واري ڏينهن گهرو وزارت جي حڪم تي موبائل ۽ انٽرنيٽ سروس بند ڪئي هئي.پاڪستان انفارميشن ڪميشن طرفان اڃان تائين تفصيلي فيصلو جاري نه ڪيو ويو آهي. اطلاعات واري وزارت مذڪوره ڄاڻ ڪلاسيفائيڊ ٿيڻ تي ريمارڪس ناهن لکيا. گهرو وزارت طرفان هڪ سيڪشن آفيسر طرفان جواب ته مذڪوره ڄاڻ کي ڪلاسيفائيڊ قرار ڏنو ويو ته ڪميشن جو فيصلو ڄاڻ تائين پهچ واري قانون جي ابتڙ آهي.