گهرو وزير جو لياقت بلوچ سان ٽيليفون تي رابطو، معاهدي تي اڳڀرائي بابت ڳالهيون

 وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان جماعت اسلامي جي نائب امير لياقت بلوچ جو ٽيليفون تي رابطو ٿيو آهي.جماعت اسلامي جي نائب امير لياقت بلوچ ٻڌايو ته محسن نقوي ۽ عطا تارڙ حڪومت سان جماعت اسلامي جي معاهدي تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪرڻ جي لاءِ منصوره ايندا. هن چيو ته جماعت اسلامي حڪومت سان معاهدي تي مڪمل طور عمل چاهي ٿي.لياقت بلوچ چيو ته آءِ پي پيز معاهدن تي نظرثاني، بجلي جي بلن تي ڪيپسٽي چارجز جو خاتمو ۽ بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي اسان جا مطالبا آهن، جڏهن ته سرڪاري ملازمن تي لڳايل ٽيڪسز ۾ گهٽتائي چاهيون ٿا.نائب امير وڌيڪ چيو ته گهرو وزير محسن نقوي انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورسٽي جي شاگردن جا مسئلا حل ڪرڻ جو يقين ڏياريو آهي.