گهرو وزير راڻا ثناءُالله جي پريس ڪانفرنس تي پي ٽي آءِ چيئرمين جو رد عمل سامهون اچي ويو

وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُالله جي پريس ڪانفرنس جي جواب ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جو رد عمل سامهون اچي ويو آهي.سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي عمران خان چيو ته جيڪڏهن جيلن ۾ عورتن سان بدسلوڪي جي باري ۾ ڪوبه شڪ هو ته هن ڊگري يافته ڏوهاري جي اها پريس ڪانفرنس اهڙن شڪ ۽ وسوسن کي ختم ڪري ٿي.عمران خان وڌيڪ چيو ته حڪومت واضح طور تي ميڊيا ۾ ٿيندڙ خوفناڪ ڪهاڻين کي لڪائڻ ۽ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.عمران خان چيو ته عورتن سان ڪڏهن به رياست طرفان ايترو برو سلوڪ ۽ حراسان نه ڪيو ويو آهي جيترو هن فاشسٽ حڪومت ڪيو آهي جڏهن هو پرامن احتجاج جو پنهنجو حق استعمال ڪري رهيون هيون.عمران خان علي اعواڻ نواز جي رهائشگاهه کي ڊاهي پٽ ڪرڻ واري ڪارروائي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته اختيارين طرفان علي نواز اعواڻ جي رهائشگاهه کي پٽ ڪرڻ ۽ ان جي گهر جي مُک دروازي کي ڪيرائڻ لاءِ ڪيل افسوسناڪ ۽ بزدلاڻي ڪارروائي جي مذمت ڪريان ٿو.پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته علي اعواڻ جي پوڙهي والده ۽ سندس ڀيڻ معذور هجڻ سبب ساڳئي گهر ۾ رهنديون هيون جنهن کي ڊاهي پٽ ڪيو ويو آهي. هن چيو ته هينئر تائين کنيل قدمن مان ته اهو ثابت ٿئي ٿو ته پي ڊي ايم سرڪار اخلاقيات نالي جي ڪنهن به شيءَ کان واقف نه آهي پر گهٽ ۾ گهٽ الله جي غضب کان ته ڊڄي جنهن کي هاڻ هي پنهنجي فسطاني قدمن ذريعي دعوت ڏئي رهيا آهن.