گهر تي حملو ڪندڙن کي معاف نه ڪندس، نواز شريف جي واپسي کان پوءِ مونس الاهي به واپس ايندو: پرويز الاهي

پاڪستان: تحريڪ انصاف جي صدر پرويز الاهي چيو آهي ته جڏهن نوازشريف واپس ايندو تڏهن مونس الاهي به واپس ايندو. هن وقت صرف اعليٰ عدليه ملڪ کي سنڀاليو آهي. گهر تي حملو ڪندڙن کي معاف نه ڪندس.

پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي ۽ اڳوڻي پنجاب جي وڏي وزير پرويز الاهي لاهور ۾ پنهنجي رهائشگاهه ظهور الاهي تي ڪورٽ رپورٽرز سان خصوصي ملاقات ۾ چيو ته پنجاب جو نگران وڏو وزير محسن نقوي، ڄام صادق آهي. ڊپ اهو آهي ته هي ماڻهن کي اهو نه چئي ڇڏي ته ملڪ ئي ختم ٿي ويو آهي. هن وقت صرف اعليه عدليه ئي ملڪ کي سنڀالي رکيو آهي.

پرويز الاهي چيو ته هاڻ نوازشريف، شهباز شريف کي سموريون هدايتون ڏئي رهيو آهي. هن وقت برطانيه ۾ ويهي عدليه جي خلاف سازشون ٿي رهيون آهن. عدليه هن ملڪ جو سڀني کان وڏو ادارو آهي ۽ پي ڊي ايم جا ماڻهوپاڪستان جي آئين سان کيڏي رهيا آهن. هن وقت صرف عمران خان ئي هن قوم کي گڏ ڪيو آهي. اميد آهي هن هفتي عدالتن جا فيصلا سامهون اچي ويندا.

پرويز الاهي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ڀارتي دوري تي تنقيد ڪندي چيو ته بلاول جي ڀارت ۾ دوري دوران ڪٿي به پاڪستان جو جهنڊو ئي نظر نه آيو، بلاول سان ته ڪنهن به هٿ ئي نه ملايو. هن چونڊن جي حوالي سان چيو ته 14 مئي تي چونڊن جا اثر نظر اچي رهيا آهن. تحريڪ انصاف ۾ ڇا مختلف ٿي رهيو آهي منهنجي مٿان به ڪيس داخل ٿي رهيا آهن.

پرويز الاهي طنزيه طور تي چيو ته الله جو شڪر آهي ته شهباز شريف کي تاجپوشي لاءِ گهرايو آهي مون کي خدشو هو ته شهباز شريف جي هوندي شاهه چارلس جو تاج به چوري نه ٿي وڃي. هن چيو ته پي ڊي ايم جي حڪومت ۾ سموري ملڪ کي هڪ جيل ۾ تبديل ڪيو ويو آهي. دل جي گهرائين سان پنهنجي عدليه کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو.

پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چيو ته منهنجي گهر تي حملي دوران 20 ماڻهن کي پوليس گرفتار ڪيو ۽ منهنجي مٿان به 17 ڪيس داخل ڪيا ويا اسان جي گهر ۾ سڀني مهمانن جا موبائيل فون، انهن جي کيسن مان سمورا پئسا ۽ ٻاهر بيٺل موٽر سائيڪلون به پوليس وارا پاڻ سان گڏ کڻي ويا.

هڪ سوال تي هن چيو ته پيپلز پارٽي جو ته هن وقت حڪومت ۾ اچڻ جو چانس پري پري تائين نه آهي. پرويز الاهي چٽو چيو ته گهر تي حملو ڪندڙن کي ڪڏهن به معاف نه ڪندس. هن هفتي سپريم ڪورٽ جو وڏو فيصلو سامهون ايندو.