گهر مان ماني ڏيڻ تي پابندي: خديجه شاهه جي جيل ۾ طبيعت خراب ٿي وئي

9 مئي جي واقعن تي گرفتار فيشن ڊيزائنر خديجه شاهه جي سينٽرل جيل ڪوٽ لکهپت ۾ طبيعت خراب ٿي وئي آهي.جيل ذريعن موجب خديجه شاهه ٻن ڏينهن کان پيٽ جي تڪليف ۾ مبتلا آهي. جيل اختيارين خديجه شاهه جي ملاقات ۽ گهر مان ماني ڏيڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي.خديجه شاهه ۽ پي ٽي آءِ اڳوڻ ياسمين راشد کي هڪ ئي بيرڪ ۾ بند ڪيو ويو آهي. فيشن ڊيزائنر 30 مئي تائين جوڊيشنل ريمانڊ تي جيل ۾ آهي.ياد رهي ته جناح هائوس لاهور ۾ ڀڃ ڊاهه ۽ باهين جي ڪيس ۾ خديجه شاهه کي 24 مئي تي دهشتگردي انت واري عدالت ۾ پيش ڪيو ويو هو جنهن کان پوءِ عدالت کيس 7 ڏينهن جي لاءِ سڃاڻپ پريڊ تي جيل اماڻڻ جو حڪم ڏنو هو.