گهوٽڪي پوليس ۽ موٽروي پوليس جي گڏيل ڪارروائي ۾ ھٿيار اسمگل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام، مقابلي ۾ ھڪ اسمگلر قتل، وڏي پيماني تي خودڪار ھٿيار ھٿ.پوليس ذريعن جو چوڻ آھي ته رائونتي لڳ موٽروي 468 پڪٽ ويجھو وڏي ڪارروائي ڪئي وئي.پوليس ذريعن موجب هٿيارن سان ڀريل ڪار جو پيڇو ڪرڻ دوران اسمگلرن سان مقابلو ٿيو، ڪافي مقدار ۾ اسلحه برآمد ڪيو ويو آھي ۽ ھڪ دھشتگرد مارجي ويو ٻه جوابدار زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيا ويا آھن.پوليس وڏي تعداد ۾ واقعي واري هنڌ پهچي وئي، صحافين کي ڪوريج ڪرڻ کان به روڪيو ويو آھي.پوليس طرفان اڃان ڪنهن به قسم جي مڪمل رپورٽ پڌري ناهي ڪئي وئي، ڪجھه ذريعن جو چوڻ آھي ته 3 جوابدار موقعي تي قتل ٿيا آھن ۽ هڪ زخمي اسمگلر گرفتار ڪيو ويو آھي.